روزانه ڪاوش

بينگلور ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن آسٽريليا جون  254 رنسن تي 4 وڪيٽون ضايع،پونٽنگ سينچري هڻي ٽيم کي  سنڀاليو

بينگلور(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن  وچ ۾ بينگلور ۾ شروع ٿيل ٽيسٽ سيريز  جي پهرين ميچ جي پهرين ڏينهن جي اختتام تي رڪي پونٽنگ جي شاندار سينچري جي مدد سان آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي  254 رنسون ٺاهي  ورتيون، جڏهن ته  بالرن جي بيلنس بالنگ سان ڀارتي ٽيم کي پڻ فائدو حاصل ٿيو. بينگلور جي چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيل ميچ ۾ رڪي پونٽنگ  ئي  ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميچ ان وقت وڌيڪ دلچسپ بڻجي وئي ، جڏهن ته ظهير خان پهرين اوور ۾ ٽين بال تي اوپنر ميٿيوهيڊن کي وڪيٽ ڪيپر ڌونيءَ  هٿان ڪيچ آئوٽ ڪري ڇڏيو، ان وقت آسٽريلوي ٽيم اڃا  کاتو ئي نه کوليو هو، جنهن بعد ون ڊائون رڪي پونٽنگ آيو،هن اوپنر  سائمن ڪيچ جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ اسڪور کي  45.4 اوورن ۾  166 تي پهچايو،  جنهن بعد سائمن ڪيچ 66 رنسون ٺاهڻ  بعد نوجوان  بالر اشانت شرما جي بال تي وڪيٽ ڪيپر ڌوني هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، مائيڪل هسي ڪريز تي اچي  پونٽنگ جو ساٿ ڏنو،جنهن دوران آسٽريلوي ڪپتان ڀارت جي سر زمين تي ماضيءَ جي مايوس  ڪندڙ ڪارڪردگي کي وساري پهريون ڀيرو سينچري ٺاهي، اها سندس ڪيريئر جي 36 هين ٽيسٽ سينچري آهي، پونٽنگ جي ان کان اڳ ڀارت ۾  8 ميچن ۾  12.27 ايوريج رهي آهي، ان ڪري کيس تنقيد کي پڻ منهن ڏيڻو پيو آهي، پونٽنگ ٽنڊولڪر کان صرف 3 ٽيسٽ سينچريون پويان آهي، ٽنڊولڪر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 39  سينچريون ٺاهي چڪو آهي، آخري  سيشن ۾ پونٽنگ 123 رنسون ٺاهي هربجن سنگهه جي بال تي ايل بي  ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد ظهير خان جلد ئي مائيڪل ڪلارڪ کي 11 رنسن تي  آئوٽ ڪري ڇڏيو. مائيڪل هسي 46 رنسن تي ڪريز  تي  موجود آهي، ڀارتي بالنگ ۾ ظهير خان 2، اشانت شرما ۽ هربجن سنگهه هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.