|
روزانه ڪاوش |
|
آصف باجوه هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري جو عهدو پهرين جولاءِ کان سنڀاليندو:ظفر الله جمالي اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي چيو آهي ته آصف باجوه پهرين جولاءِ کان باضابطا طور تي فيڊريشن جي سيڪريٽري جو عهدو سنڀاليندو، جڏهن ته فيڊريشن کي وڌيڪ بحرانن ۾ نٿا ڌڪڻ چاهيون، خالد محمود فيڊريشن جو سينيئر نائب صدر هوندو، هن چيو ته وزيراعظم کان بيجنگ اولمپڪس جي تيارين لاءِ 23 ڪروڙ رپيا گرانٽ گهري آهي، جڏهن ته پينالٽي ڪارنر اسپيشلسٽ سهيل عباس جو باب هاڻي بند ٿي ويو آهي، هن اهڙو اظهار ڪالهه بلوچستان هائوس ۾ حڪومت طرفان مقرر ڪيل فيڊريشن جي نئين سيڪريٽري آصف باجوه حڪومت طرفان هٽايل اڳوڻي سيڪريٽري خالد محمود سان ٿيل ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت پاران آصف خالد محمود کي هٽائي آصف باجوه کي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي نه روڪيون.
|