روزانه ڪاوش

وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو افتتاحي مقابلو پاڪ-ڀارت وچ ۾ ٿيندو

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ايندڙ سال ٿيندڙ وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ گروپس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق روايتي مخالف  پاڪستان ۽ ڀارت جون وومين ٽيمون انگلينڊ ۽ سريلنڪا سان گڏ گروپ بي ۾ شامل آهن، جڏهن ته گروپ اي ۾ آسٽريليا، ڏکڻ آفريقا، نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون وومين ٽيمون شامل آهن، جڏهن ته ايندڙ سال 7 مارچ کان 22 مارچ تائين ٿيندڙ ايونٽ جي افتتاحي ميچ روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جي وومين ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، آءِ سي سي جي صدر ڊيوڊ مورگن چيو ته عورتن جي ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ هر چار سالن بعد ڪرايو ويندو، ميچون آسٽريليا جي 6 وينيوز ۾ کيڏيون وينديون.