|
روزانه ڪاوش |
|
بنگلاديش ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيمون سڀاڻي وري آمهون سامهون ٿينديون ڊارون(اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هلندڙ 3 ميچن تي مشتمل ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي ڊارون ۾ کيڏي ويندي، مهمان عالمي چيمپئن آسٽريلوي ٽيم کي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي، پهرين ميچ ۾ ميزبان بنگلاديشي ٽيم کي آسٽريليا هٿان 180 رنسن تان شڪست ملي هئي پر جيڪڏهن آسٽريلوي ٽيم اڄوڪي ميچ کٽي ورتي ته ون ڊي سيريز ان جي نالي ٿي ويندي.
|