بيجنگ اولمپڪس:ميزبان چين جي ميڊلز جو تعداد 20 ٿي ويو

بيجنگ (اسپورٽس ڊيسڪ) بيجنگ ۾ هلندڙ مختلف راندين ۾ گولڊ ميڊلز حاصل ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ ميزبان چين پنهنجي مضبوط پوزيشن برقرار رکيو ويٺو آهي، ميڊلز لسٽ ۾ ميزبان چين ٽوٽل 20 ميڊلز سان سرفهرست آهي، چين سڀ کان وڌيڪ 13 گولڊ، 3 سلور ۽ 4 برونز ميڊل کٽيا آهن، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، آمريڪا 21 ميڊل کٽيا آهن، جن ۾ 7 گولڊ، 6 سلور ۽ 8 برونز شامل آهن، ڏکڻ ڪوريا ٻئي تان ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي، ڏکڻ ڪوريا 5 گولڊ ميڊلز سميت 10، اٽلي 3 گولڊ ميڊلز سميت 9، آسٽريليا به 3 گولڊ ميڊلز سميت 9، جاپان 3 گولڊ ميڊلز سميت 6، روس 2 گولڊ ميڊلز سميت 9 ميڊل کٽيا آهن، برطانيا 2 گولڊ ميڊلز سميت 4 ميڊل کٽي 8 نمبر تي آهي.