ڪاوش اسپورٽس- پاڪستان-انگلينڊ ٽه ملڪي ٽورنامينت

ٽه ملڪي سيريز: ڀارت طرفان پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست

ميرپور (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 140 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن ڪري پاڪستان جو مسلسل 13 ميچون کٽڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو، ميرپور ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ پاڻ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ سهواگ جي شاندار بيٽنگ سبب 8 وڪيٽن تي 330 رنسون ٺاهيون، ورندر سهواگ 76 بالن تي 89 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته گمڀير 62 ۽ يووراج 55 رنسون ٺاهيون، عمرگل 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 35 اوورن ۾ 190 تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان جي شروعات سٺي نموني نه ٿي، سندس پهرين ٽن رانديگرن کي پروين ڪمار تڪڙو پويلين موڪليو، جڏهن ته شعيب ملڪ کانسواءِ ڪوبه رانديگر ڀارتي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو، شعيب ملڪ 53 رنسون ٺاهيون، ان کانسواءِ ڪامران اڪمل 38 ۽ مصباح 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ڀارت طرفان پروين ڪمار ۽ پيوش چاولا 4-4 وڪيٽون حاصل ڪري ڀارتي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.