روزانه ڪاوش

علي محمد ڪيريو

 

                اولمپڪ گيمس جي شروعات 770 قبل مسيح يونان جي شهر اولمپيا مان ٿي جنهن کانپوءِ 1833ع ۾ يوناني شاعر ۽ اخبار جي ايڊيٽر پينا گوئٽس پنهنجي هڪ نظم ۾ ان کي شروع ڪرڻ جي دلچسپي ڏيکاري جنهن بعد 1859ع ۾ جديد عالمي اولمپڪ گيمس شروع ڪرڻ لاءِ اوانفلوس زاهاس سهڪار ڪيو ۽ اولمپڪ راندين لاءِ گرائونڊ مهيا ڪيو، اهڙي نموني 1870ع کان 1875ع تائين اولمپڪ گيمس کيڏيون ويون، جنهن کي پوري دنيا جي اخبارن ۽ اشاعتي ادارن ڪوريج ڏني، جنهن کانپوءِ فرانس جي نوبل انعام حاصل ڪندڙ ڀيري فريڊي، بيرون ڊي ڪوبرٽن باضابطه طور تي 1894 ۾ اولمپڪ انٽرنيشنل ڪاميٽي قائم ڪئي. انٽرنيشنل اولمپڪ ڪاميٽي قائم ڪرڻ کانپوءِ پهرين سمر اولمپڪ گيمس يونان جي شهر ايٿنز ۾ 1896ع ۾ ٿي. شروعاتي جدوجهد ۽ ڪاميابي کانپوءِ انٽرنيشنل اولمپڪ ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته ٻيون اولمپڪ گيمس فرانس جي شهر پيرس ۾ ٿينديون، جنهن کانپوءِ 1900ع ۾ ٻين اولمپڪ گيمس ملهايون ويون، جڏهن ته پيرس ۾ ٿيل اولمپڪ ان حوالي سان منفرد هيون، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ عورتن کي حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جڏهن ته ٽين اولمپڪ گيمس سينٽ لوئس ۾ 1904ع ۾ ملهايون ويون، جنهن کي دنيا جي نمائشي ميلي ڪنهن حد تائين ناڪام بڻايو، جنهن ڪري گيمس کي نمائشي ميلي ۾ شامل ڪيو ويو. انٽرنيشنل اولمپڪس جي 112 هين گيمس لاءِ روس جي شهر ماسڪو ۾ 13 جولاءِ 2001ع تي سيشن ٿيو، جنهن ۾ اولمپڪ گيمس جي لاءِ چين جي شهر بيجنگ کي چونڊيو ويو، جڏهن ته بيجنگ ٽورنٽو، پيرس، استمبول ۽ اوساڪا کي شڪست ڏئي اولمپڪ گيمس جي ميزباني جي ڪاميابي ماڻي هئي، ان کانسواءِ 5 ٻين شهرن بينڪاڪ، ڪائرو، هوانا، ڪوالالمپور ۽ سيويلي پڻ ان جي ميزباني جي خواهش ظاهر ڪئي هئي پر اهي شهر شارٽ لسٽ نه ڪيا ويا هئا. اهڙي نامزدگي کانپوءِ چين بيجنگ ۽ ان سان لاڳاپيل شهرن ۾ اولمپڪ راندين لاءِ 31 هنڌن جي تياري شروع ڪئي، جڏهن ته 6 هنڌ بيجنگ کان ڪجهه مفاصلي تي تعمير ڪيا ويا هئا، ان کانسواءِ اولپمڪ گيمس جي راندين لاءِ 59 ٽريننگ سينٽر قائم ڪيا ويا هئا. اهي اولپمڪ گيمس 8 آگسٽ 2008ع کان 24 آگسٽ 2008ع تائين ٿينديون. بيجنگ اولپمڪ گيمس لاءِ ”هڪ دنيا- هڪ خواب“ جو نعرو ڏنو ويو. 2008ع جي سمر اولمپڪس جي مشعل ريلي جي منصوبابندي جو اعلان بيجنگ ۾ 26 اپريل 2007ع تي ڪيو ويو هو، مشعل ريلي کي ”هم آ هنگي جو سفر“ جو موضوع ڏنو ويو هو. مشعل ريلي جو سفر 130 ڏينهن طئه ڪيو ويو. اعلان ڪيو ويو ته اولمپڪ مشعل ريلي 24 مارچ 2008ع تي يونان جي شهر اولمپيا مان سفر شروع ڪندي ۽ هڪ لک 37 هزار ڪلو ميٽر جو سفر طئه ڪري بيجنگ پهچندي. اولمپڪ مشعل ريلي جي شروعاتي تقريب يونان جي شهر ايٿنز ۾ ٿي، جنهن کانپوءِ اها مشعل ريلي مختلف شهرن مان ٿيندي لنڊن پهتي، جتي اولپمڪ مشعل جي پريڊ جي موقعي تي پوليس ۽ تِب حامي مظاهرين ۾ جهڙپون ٿيون، اهڙي صورتحال بعد پوليس 35 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. لنڊن جي ويمبلي اسٽيڊيم کان مشعل جي سفر جي شروعات ٿي، مظاهرين مشعل کڻي ويندڙ بس تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مشعل کي کڻي ڊوڙندڙ ٽي وي ميزبان ڪوني حق کان مشعل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا پوليس ناڪام بڻائي ڇڏي، لنڊن ۾ برطانوي وزيراعظم پنهنجي رهائشگاهه 10 ڊائوننگ اسٽريٽ تي اولپمڪ مشعل جو استقبال ڪيو. لنڊن جي سفر کانپوءِ اولمپڪ مشعل پيرس پهتي، جتي مشعل جي پريڊ جي موقعي تي تبت بابت چين جي پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرين کان سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا. پيرس ۾ مشعل جي ڊوڙ 28 ڪلو ميٽر تائين ٿي، جنهن ۾ 80 ماڻهن حصو ورتو. پيرس ۾ اولمپڪ مشعل جو استقبال چيني سفير ڪيو. اولمپڪ مشعل ريلي کي سخت مزاحمت جو منهن ان وقت ڏسڻو پيو، جڏهن تبت حامي مظاهرين جي شدت سبب پوليس اهلڪارن اولمپڪ مشعل کي 2 ڀيرا وسائي ڇڏيو، جڏهن ته اولمپڪ مشعل جي پيرس پهچڻ کان اڳ تبتي مظاهرين پيرس ۾ پکڙجي ويا هئا، جنهن کانپوءِ پوليس 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو هو، پيرس ۾ اولمپڪ مشعل ريلي جي حفاظت لاءِ 3 هزار پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. پيرس ۾ اولمپڪ مشعل جي ڇڪتاڻ کانپوءِ اولمپڪ مشعل سن فراسنسڪو پهتي، اتي پڻ تبت جي حامي مظاهرين جو احتجاج جاري هو، جنهن ڪري سن فراسنسڪو ۾ به سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا، سن فراسنسڪو کانپوءِ اولمپڪ مشعل وچ اوڀر جي وحد شهر مسقط ۾ پهتي، جتي عمان جي راندين واري وزير ۽ چيني سفير اولمپڪ مشعل جو استقبال ڪيو، جڏهن عمان ۾ اولمپڪ مشعل خلاف ڪي به مظاهرا نه ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته چين جا عمان سان مضبوط سفارتي لاڳاپا آهن، جنهن ڪري اتي تبت جا حامي ناهن. عمان ۾ سخت گرمي سبب مشعل جي تقريب شام جو ڪئي وئي هئي، جنهن جي پريڊ ۾ 80 ايٿليٽڪس شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا. عمان جي شهر مسقط کانپوءِ اولمپڪ مشعل کي آمريڪي شهر ڪيلينوريا پهچڻو هو، جتي پڻ تبت جا حامي ماڻهو هئڻ سبب مظاهرن جو شڪ ڪيو پئي ويو، جنهن ڪري چين اهو بيان ڏنو ته اولمپڪ مشعل جو سفر ڪنهن به صورت ۾ رڪجي نه ٿو سگهي. ان سلسلي ۾ بيجنگ اولمپڪ ڪاميٽي جي ترجمان سن ويڊ لنڊن ۽ پيرس ۾ مشعل ۾ خلل وجهڻ جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته دنيا جي ڪابه طاقت اولمپڪ مشعل ريلي ۾ رڪاوٽ نه ٿي وجهي سگهي. جڏهن ته آمريڪي رياست فراسنسڪو ۾ تبت جي حامين پاران مظاهرو ڪرڻ تي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو هو. ان ئي دوران آمريڪي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن آمريڪي صدر بش کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن چين انساني حقن بابت پنهنجو رڪارڊ بهتر نه ٿو ڪري ته هو بيجنگ اولمپڪ جي افتتاحي تقريب جو بائيڪاٽ ڪري. آمريڪا کانپوءِ اولمپڪ مشعل عمان جي مسقط ۽ بعد ۾ پاڪستان جي چڪلالا هوائي اڏي تي پهتي ته اولمپڪ مشعل ريلي جو استقبال پاڪستان ۾ چيني سفير ۽ اولمپڪ عملدارن ڪيو، جڏهن ته اولمپڪ مشعل جي اڏام کي اسلام آباد ايئر پورٽ تي لينڊ ڪرڻو هو پر سيڪيورٽي ۽ ڪجهه ٻين سببن جي ڪري ان اڏام کي چڪلالا ايئر بيس تي لاٿو ويو. پاڪستان ۾ اڱاري جي رات جو 11 لڳي 35 منٽن تي پهچندڙ اولمپڪ مشعل کي ٻئي ڏينهن جناح اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ رنگا رنگ تقريب ۾ روشن ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ سخت حفاظتي انتظامن ۾ ٿيل تقريب ۾ ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو. اسلام آباد ۾ اولمپڪ مشعل جي تقريب صدر پرويز مشرف ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پهچڻ بعد  شروع  ٿي، تقريب جي شروعات فوجي بينڊ وڄڻ سان ٿي صدارتي گارڊز جي خاص گهوڙي سوارن مشعل کي روشن ڪرڻ لاءِ لالٽين  جناح اسپورٽس ڪامپڪليڪس پهچايو، جتي مشعل کي روشن ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ صدر ۽ وزيراعظم گڏيل طور مشعل کي پاڪستان هاڪي جي ليجنڊ سميع الله حوالي ڪيو، جنهن کانپوءِ اولمپڪ مشعل ڀارت جي شهر نئين دهلي پهتي، جنهن هزارين ماڻهن مشعل جو استقبال ڪيو. نئين دهلي ۾ بيجنگ اولمپڪ مشن ريلي کان اڳ ڪيترن ئي تبت جي حامين ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي ڪارڪنن تبت ۾ چين جي پاليسي خلاف امن مارچ ڪيو، اهو مارچ مهاتما گانڌي جي سماڌي راج گهاٽ کان ڪڍيو ويو، انساني حقن جي تنظيمن جي ڪارڪنن ست ڪلوميٽر مارچ ڪيو، ان دوران سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، مارچ ۾ شريڪ ماڻهن چين خلاف ۽ تبت جي آزادي جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا، ان سلسلي ۾ مارچ ۾ شريڪ هڪ احتجاجي تام سين مارچ جي مقصد کي بيان ڪندي چيو ته اسين بيجنگ ۾ اولمپڪس جي ٿيڻ خلاف ناهيون پر امن مارچ ڪري دنيا جو ڌيان تبت ۾ ٿيندڙ غير انساني سلوڪ طرف ڪرائڻ چاهيون ٿا ته جيئن تبتي پرامن فضا ۾ رهي سگهن، اولمپڪ مشعل جي نئين دهلي ۾ پهچڻ کان اڳ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، بيجنگ اولمپڪ مشعل خاص جهاز ذريعي اسلام آباد کان نئين دهلي پهتي، جنهن کانپوءِ اولمپڪ مشعل کي چيني سفارتخاني ۾ رکيو ويو، نئين دهلي ۾ اڄ اولمپڪ مشعل ريلي 2 وڳي ڪڍي ويندي، جڏهن ته ريلي جي روڊ کي عام ماڻهن لاءِ مڪمل طور تي بند ڪيو ويندو، اها ريلي نئين دهلي ۾ 2 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪندي، ريلي ۾ اولمپڪ مشعل 70 شخصيتن جي هٿن مان گذرندي، جن ۾ بالي ووڊ جا ناليوارا اداڪار سيف علي خان ۽ عامر خان شامل آهن، ٻئي طرف ڀارتي حڪومت ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، ريلي جي هنڌ تي 15 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ان کان اڳ چيني سفارتخاني آڏو تبتي حامين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ هندستاني اولمپڪ ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ريلي واري هنڌ داخل نه ٿيڻ جا سڀئي سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اولمپڪ مشعل ريلي 22 شهرن جو سفر ڪرڻ کانپوءِ چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ پهچندي.