اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي برقرار،سرمائيڪارن جا وڌيڪ 23 ارب ٻڏي ويا ڪراچي (آن لائن) ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪالهه ٻاڙائي جو لاڙو برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 11100 جي سطح تان لهي 10900 تي اچي ويو، ٻاڙائي جي ڪري مارڪيٽ ۾ سرمائيڪارن جا 23 ارب رپيا ٻڏي ويا پر ڪاروباري حدف سومر ڏينهن جي ڀيٽ ۾ 8 ڪروڙ شيئر وڌيڪ رهيو، ڪالهه مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات 255 پوائنٽس ڪمي سان ٿي، مقامي بروڪريج هائوسز جي هيٺين سطح جي شيئر جي خريداري سان هڪ موقعي تي مارڪيٽ ۾ شارٽ رڪوري به ڏٺي وئي،آئل ۽ گئس سيڪٽر سميت سيمينٽ سيڪٽر ۾ خريدارن جي دلچسپي رهي، جنهن سان انڊيڪس هڪ موقعي تي منفي يارنهن به ڏٺو ويو، ٽريڊنگ دوران بيڪنگ سيڪٽر ۾ سيلنگ پريشر ڏٺو ويو ۽ گڏيل طور تي مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي ٻاڙائي سان ٿي، ڪاروباري پڄاڻي تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 217.44 پوائنٽس گهٽتائي سان 10959.87 پوائنٽس تي بند ٿيو، سرمائيڪار ماليت ۾ 66 ارب 66 ڪروڙ 54 لک 10 هزار 361 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جيئن ته سرمائيڪاري جي ڪل ماليت 34 کرب 79 ارب 34 ڪروڙ 46 لک 61 هزار 197 رپين مان گهٽجي 34 کرب 12 ارب 67 ڪروڙ 92 لک 50 هزار 836 ٿي وئي، مجموعي طور تي 263 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن م 78 ڪمپينن جي شيئرز ۾ اضافو، 169 ۾ گهٽائي ۽ 16 ڪمپنين جي شيئرز جي ريٽ ۾ استحڪام رهيو.
|