اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
بدين ضلعي جي مختلف شاخن ۾ پاڻي پهچڻ بعد وارا بندي:آبادگار پريشان سيراڻي (ن ڪ) بدين ضلعي جي ساحلي پٽي جي مختلف شاخن ۾ چئن مهينن کان پوءِ اوچتو وارا بندي ڪري پاڻي مڪمل بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ميرواهه شاخ، قاضيه واهه، نور واهه، گنج بحر ۽ امام واهه تي آباد ٿيندر هزارين ايڪڙ زمين ۾ تيار ڪيل ٻيجارو سڙڻ شروع ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ آبادگارن علي احمد منڌرو، حاجي وڪيو، سيٺ هاشم منڌرو، مرتضيٰ شاهه، يارو جت، اياز بوهڙ ۽ ٻين چيو ته پوکيل سارين جو ٻيجارو سڙي مڪمل ختم ٿي ويو آهي، اسان کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته وارا بندي ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان ضلعي ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.
|