|
الطاف پاران ڪراچي ۾
طالبانائيزيشن بابت آرمي چيف کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي(بيورو
رپورٽ)ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين، وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن
جي موقف کي رد ڪندي ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن بابت سڌي ريت چيف آف
آرمي اسٽاف کي آگاهه ڪرڻ لاءِ گورنر سنڌ کي هدايت ڪري ڇڏي
آهي،جڏهن ته الطاف حسين چيو آهي ته اسان پنجابين، پختونن،
سرائيڪين، بلوچن ۽ سنڌين خلاف نه پر طالبان خلاف آهيون،گذريل
رات ڪراچي جي ڊفينس،نارٿ ناظم آباد ۽ گلشن اقبال ۾ هڪ ئي وقت
خطاب ڪندي هن چيو ته مون گورنر سنڌ کي 3 ڏينهن اڳ هدايت ڏني
آهي ته هو ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن بابت هاڻي سڌي ريت آرمي چيف
کي وڃي آگاهه ڪري،ڇو ته ڪراچي رت جي پياسن طالبان جي گهيري ۾
آهي پر ايم ڪيو ايم ڪنهن به صورت ۾ کين ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جي
اجازت نه ڏيندي، جن وٽ جديد هٿيار آهن، مون اڳي ئي ان ڳالهه جي
نشاندهي ڪئي هئي ان وقت منهنجي ڳالهه کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي،هن جلسي ۾ موجود ڪارڪنن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته
مون اوهان کي اڳي ئي چيو هو ته لائسنس ٺهرائي هٿيار وٺو ۽سکيا
وٺو پر اوهان منهنجي چوڻ تي عمل نه ڪيو، هن عورتن کي مخاطب
ٿيندي مذاق واري انداز ۾ چيو ته طالبان اچي ويا آهن ڊفينس
واريون عورتون هاڻي برقعا وٺي ڇڏين،گلشن اقبال ۽ نارٿ ناظم
آباد واريون عورتون پاڻ گاڏيون هلائڻ بدران عام گاڏين ۾ سفر
ڪن، ڇو ته طالبان ڪنهن ڪار هلائيندڙ عورت کي برداشت نه ڪندا،
هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم کي ملڪ بچايو فنڊ قائم ڪرڻ گهرجي،ان
۾ سڀ کان پهرين آئون 10 لک رپيا ڏيندس، هن چيو ته ملڪ جون
معاشي حالتون ٺيڪ ناهن ۽ ملڪ ڏيوالي طرف وڃي رهيو آهي پر خدا
خير ڪري، هن چيو ته شاهديون سامهون اچي رهيون آهن ته طالبان
ڪراچي ۾ آهن ۽ انهن وٽ جديد هٿيار پڻ آهن، هن چيو ته طالبان
ڪراچي تي قبضو ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، جلسي ۾ ايم ڪيو
ايم جي ڪارڪنن مختلف انگريزي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪراچي ۾
طالبانائيزيشن بابت ڇپيل خبرن ۽ آرٽيڪلز جون فوٽوڪاپيون پڻ
ورهايون.
|