|
اولهه مسلمانن سان امتيازي سلوڪ
ختم ڪري،دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڳالهيون بهترين رستو آهي:آصف
نيو
يارڪ (فارين ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان
دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، ۽ ان معاملي کي منهن ڏيڻ
لاءِڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ بهترين ذريعو آهي، عالمي هم
آهنگي لاءِ نفرت واري سياست کي ڇڏڻو پوندو، نيو يارڪ ۾ بين
المذاهب ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ دنيا دهشتگردي کي
منهن ڏئي رهي آهي، ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون سڀ
کان بهترين رستو آهن، صدر زرداري چيو ته هن ڪانفرنس ذريعي
دنيا کي اسلام جو خوبصورت چهرو ڏيکارڻ جو موقعو مليو آهي، هن
وڌيڪ چيو ته سمورا مذهب احترام جي لائق آهن، جڏهن ته اسلام
امن ۽ برداشت جو سبق سيکاري ٿو ۽ اسلام جديد علم حاصل ڪرڻ ۽
تحقيق ڪرڻ جو پڻ پيغام ڏئي ٿو، صدر زرداري وڌيڪ چيو ته عالمي
هم آهنگي لاءِ نفرت جي سياست کي ترڪ ڪرڻو پوندو ۽ انهن پاليسين
کي پڻ ترڪ ڪرڻو پوندو، جيڪي اسلام ۽ اولهه کي هڪ ٻئي کان جدا
ڪنديون آهن، عالمي برادري دهشتگردي جو شڪار قومن جي مالي مدد
ڪري اسان ان سان گڏ بيهنداسين جيڪو اسان کي متحد ڪندو،
ويڇاوڌائڻ وارن سان ڪنهن به صورت ۾ گڏ نه هونداسين، دنيا جي
استحڪام لاءِ سمورين قوتن کي متحد ٿي هڪ ٻئي کي تسليم ڪرڻو
پوندو.
|