اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

معاشي بحران سبب وفاقي حڪومت سنڌ جي ترقياتي رقم مان 9 ارب رپيا ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت جو ان تي اتفاق آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڇڪتاڻ ٿي ته پوري ملڪ ۾ ڇڪتاڻ ٿيندي ۽ ٽنهي ڌرين جا سربراهه چاهين ٿا ته مسئلو ڳالهين وسيلي حل ٿئي ۽ ان ڏس ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي اڳواڻن جي سنڌ جي گورنر وٽ گڏجاڻي ڪرائي اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ڪراچي ۾ هلندڙ تلخي ختم ڪرائي ويندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت معاشي گهوٽالي سبب سنڌ حڪومت جي حصي جي ترقياتي رقمن مان 9 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي،جڏهن ته اسان ترقياتي رقمون بامقصد خرچ ڪرڻ چاهيون ۽ ائين نه ڪنداسين ته رقمون اڇلي ڇڏيون، هن چيو ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ واري ٺاهه تي نظرثاني ته پري جي ڳالهه آهي پر رڳو عمل ٿئي ته اها به اسان لاءِ وڏي غنيمت آهي ڇو ته پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آهي، سنڌ ۾ پاڻي وارو مسئلو انتهائي اهم آهي ان معاملي تي وڌيڪ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندس، هن اهڙو اظهار ڪالهه قانون واري وزير اياز سومرو جي آفيس ۾ ويب سائيٽ جي افتتاح دوران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڪراچي ۾ جتي اي اين پي جي حامين جا ريڙها ۽ دڪان خالي ڪرائڻ جا واقعا ٿيا آهن، تن ۾ ڪجهه جوابدارن کي ٿڏي تان گرفتار به ڪيو ويو آهي ۽ مٿن ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن، وڏي وزير چيو ته  اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ اتحادي ڌرين سان اتحاد قائم رهي جيڪو سنڌي عوام جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته اي اين پي جو پيغام گورنر تائين پهچايو ويو آهي، ڪجهه ماڻهو چونڊون هارائڻ کان پوءِ مسئلا ڳولي رهيا آهن پر اسان انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، وڏي وزير چيو ته گورنر ۽ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسين شهيد بينظير ڀٽو واري سرچاءَ واري پاليسي تي يقين رکون ٿا ۽ صدر آصف زرداري به ان پاليسي کي اڳتي وڌايو آهي.