آمريڪي ميزائيل حملا ناقابل قبول آهن:صدر زرداري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ آمريڪي جاسوس جهازن جي ميزائيل حملي بعد صدر زرداري آمريڪا جي پرڏيهي وزير ڪونڊوليزا رائيس سان ٽيليفون تي پاڪستان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪندي چيو ته آمريڪي جاسوس جهازن جا ميزائيل حملا ناقابل قبول آهن، صدر زرداري ۽ ڪونڊوليزا رائيس وچ ۾ آمريڪي ميزائيل حملن، قبائلي علائقن ۾ آپريشن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيون، ڳالهين دوران اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ تعاون جاري رهندو، جڏهن ته صدر آصف زرداري اميد ظاهر ڪئي ته نئين آمريڪي انتظاميا طرفان اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪي حملا بند ٿي ويندا، هن وڌيڪ چيو ته خطو هن وقت دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ عالمي طاقتون اڳتي اچن.