اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ڪراچي سميت ملڪ جون اسٽاڪ مارڪيٽس ڪريش:کربين رپيا ٻڏي ويا،سيڙپڪار مڇرجي روڊن تي نڪري آيا،ڪي ايس اي ۾ هنگامو،ڀڃ ڊاهه

ڪراچي (رپورٽ: امتياز چانڊيو) ملڪ اندر غيريقيني واري سياسي صورتحال ۽ آمريڪا طرفان پاڪ- افغان سرحد تي حملي ڪرڻ جي ڌمڪي سبب ملڪ جون اسٽاڪ مارڪيٽس ڪريش، ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد اسٽاڪ مارڪيٽون مسلسل ٻاڙائي جي ور چڙهيل، جنهن ۾ سيڙپڪارن جا کربين رپيا ٻڏي ويا، جڏهن ته ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 16-ڏينهن کان هلندڙ ٻاڙائي سبب سوين سيڙپڪار مڇرجي پيا، جن اسٽاڪ مارڪيٽ تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، سيڙپڪارن جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ  رينجرز ۽ پوليس اٽالن اسٽاڪ مارڪيٽ کي ڪڙو چاڙهي صورتحال تي ضابطو آندو، ڪالهه ملڪ اندر سياسي، معاشي صورتحال خراب هجڻ ۽ پاڪ، افغان سرحد تي آمريڪي حملن جا افواهه ڦهلجڻ توڙي ڪي ايس اي انتظاميا پاران نوان قاعدا ۽ قانون جوڙڻ سبب ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ 16-ڏينهن به تاريخي ٻاڙائي جو شڪار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100-انڊيڪس وڌيڪ 278.96 پوائنٽون لاٿ کائي 10212.92 پوائنٽس تي بند ٿي. اهڙي ريت لاهور ۽ اسلام آباد مارڪيٽون به بدترين ٻاڙائي جو شڪار ٿي ويون، جنهن ڪري هڪ ئي وقت ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي سيڙپڪارن سخت احتجاج ڪيو. لاهور ۽ اسلام آباد جي سيڙپڪارن کان وڌيڪ ڪراچي ۾ سيڙپڪارن سخت احتجاج ڪيو. ڪالهه جيئن ئي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري سيشن شروع ٿيو ته ڪي ايس اي 100-انڊيڪس 400 پوائنٽون هيٺ ڪري پئي ۽ ڪاروباري رجحان ۾ منفي صورتحال ڏسي ٽريڊنگ هال ۾ پريشان ويٺل ننڍن ۽ وڏن سيڙپڪارن توڙي بروڪرن زبردست هل هنگامو ڪرڻ شروع ڪيو، لڳ ڀڳ 11-وڳي ڌاري سوين سيڙپڪار ۽ بروڪر ڪي ايس اي انتظاميا خلاف زوردار نعرا هڻندي ٽريڊنگ هال کان ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آيا، جنهن دوران مڇريل بروڪرن لتون، مڪون ۽ پٿراءُ ڪري ڪي ايس اي ٽريڊنگ هال جي مُک دروازي ۾ رسپيشن جا شيشا، ٽيوب لائيٽون ۽ گلدانيون ٽوڙي وڏو هل هنگامو ڪيو، جنهن دوران پٿرن شيشا لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي ايڌي رضاڪارن اسپتال پهچايو، اهڙي صورتحال ڏسي انتظاميا پوليس ۽ رينجرز گهرائي ورتي، جيئن ئي ٽي پي او صدر امير شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جا اٽالا پهتا ته سيڙپڪارن اڃا به وڌيڪ گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن تي ٽي پي او صدر ميگا فون ذريعي احتجاج ڪندڙن کي پرامن رهڻ لاءِ اعلان ڪندو رهيو. جڏهن ته سيڙپڪارن جو احتجاج 11 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين جاري رهيو. احتجاج سبب ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري سرگرميون معطل ٿي ويون، جڏهن ته ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 278.96 پوائنٽون گهٽجي 10212.92 پوائنٽن تي بند ٿي، جيڪا ڊسمبر 2006ع کانپوءِ گهٽ سطح آهي، ڪي ايس اي 100-انڊيڪس ۾ زبردست گهٽتائي اچڻ ڪري ڪالهه سيڙپڪارن جا وڌيڪ 79-ارب 65 ڪروڙ 93 لک 59 هزار رپين کان به وڌيڪ ڏوڪڙ پاڻي ٿي ويا، سيڙپ مارڪيٽ ۾ 266 ڪمپنين مان 201 ڪمپنيون گهاٽي ۾ هليون ويون، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج گذريل 16-ڏينهن کان مارڪيٽ ڪريش ٿي رهي آهي. جڏهن ته 18-اپريل کان وٺي 16-جولاءِ تائين 15-ڪاروباري سيشن ٻاڙائي جو شڪار رهيا آهن ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ 6-هزار پوائنٽون هيٺ ڪري پيو آهي، احتجاج ڪندڙ سيڙپڪارن موجب هر روز نوان افواهه پيا اڏايا وڃن ته مٿان وري ڪي ايس اي انتظاميا اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن ۾ سيڙپڪاري ۾ تمام گهڻي واڌ ۽ تمام گهڻي لاٿ بابت نوان قانون تيار ڪري رهي آهي، جنهن ڪري مارڪيٽ ٻاڙائي جو شڪار ٿيندو پيو اچي، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي ننڍن ۽ وچولن سيڙپڪارن وارين تنظيم ”پاسمي“ جي چيئرمين ڪوثر ڪريم قائمخاني ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب سيڙپڪار تباهه ٿي رهيا آهن ۽ اها پاليسي 2005ع کان وٺي برقرار آهي، جنهن  خلاف اسان سخت احتجاج ڪندا پيا اچون. هن چيو ته سيڙپڪار جيئن گهر وڪڻڻ تي مجبور هجن ته اهي دريون نه ٽوڙيندا ته ٻيو ڇا ڪندا، جڏهن اسان جا گهر محفوظ ناهن ته پوءِ هتي در ۽ دريون به محفوظ نه رهنديون، هن وقت سيڙپڪاري 76-ارب ڊالرز مان گهٽجي 75-ارب ڊالرز تي وڃي پهتي آهي. پرڏيهي سيڙپڪار سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، مٿان ميڊيا هر روز نوان افواهه ڦهلائي رهي آهي، جڏهن انتظاميا بند ڪمرن ۾ ويهي هڪ شخص جي چوڻ تي رات وچ ۾ نوان قانون ٺاهيندي ته پوءِ ڪير ڪمائي سگهندو. چون ٿا ته مارڪيٽ کي سهارو ڏيڻ لاءِ 50-ارب جو فنڊ ڏنو ويندو پر اڃا تائين اهو فنڊ آهي ڪٿي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت معيشت کي بچائڻ لاءِ قدم نه کنيا ته پوءِ احتجاج اڃا شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. اسان جو مطالبو آهي ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج انتظاميا فوري طور استعيفا ڏئي، ٻئي طرف ٽي پي او صدر ڊاڪٽر امير شيخ ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4-5 ماڻهن ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي انهن جي وڊيو ڪلپس اسان وٽ موجود آهن، جنهن ڪري اسان انهن خلاف ضرور ڪارروائي ڪري مٿن ڪيس داخل ڪنداسين. لاهور مان بيورو رپورٽ موجب ڪالهه لاهور اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي رهي ۽ مارڪيٽ کلندي ئي انڊيڪس 400 پوائنٽس هيٺ اچي وئي، سيڙپڪارن جڏهن انڊيڪس کي منفي زون ۾ ويندي ڏٺو ۽ ڪراچي ۾ سيڙپڪارن جي احتجاج جي خبر پوڻ تي لاهور اسٽاڪ مارڪيٽ جا سيڙپڪار به مارڪيٽ کان ٻاهر نڪري آيا ۽ روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو، جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو، سيڙپڪار احتجاج دوران ماتم به ڪندا رهيا، سندن چوڻ هو ته نقصان سبب ننڍا سيڙپڪار پنهنجا گهر وڪڻي رهيا آهن ۽ خودڪشين تي مجبور آهن.