|
حڪومت ٻن مهينن اندر پاليسيون
واضح ڪري،ملڪ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي:صدر
راولپنڊي
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر پرويز مشرف چيو آهي ته موجوده حڪومت سنگين
صورتحال جو احساس ڪندي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ کان
ٻن مهينن اندرپنهنجون پاليسيون واضح ڪري، قبائلي علائقن ۾
فوجي ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ سياسي حڪومت جو ڪم
آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صدارتي ڪئمپ آفيس راولپنڊي ۾ فاٽا
جي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو، خانگي ٽي وي چينل
موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته صدر ان موقعي تي چيو ته هن وقت ملڪ
مهانگائي، اقتصادي ۽ سياسي استحڪام جهڙن ڪيترن ئي مسئلن کي
منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻن
مهينن اندر پنهنجي پاليسي واضح ڪري، صدر چيو ته هو انهن
مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار
آهي، صدر وڌيڪ چيو ته قبائلي علائقن ۾ ڪنهن پرڏيهي فوج کي
ڪارروائي جي اجازت نه ڏني ويندي، صدر چيو ته آمريڪا طرفان
وڌايل امداد اڃا به گهٽ آهي ۽ ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، صدر سان
ملاقات ڪندڙ فاٽا جي ميمبرن وفاقي وزير حميد الله جان آفريدي،
ملڪ بلال رحمان، ساجد حسين طوري، ظفر بيگ بٺاني، جواد حسين ۽
ٻيا شامل هئا.
|