اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

نه مشرف جهڙو صدر گهرجي ۽ نه نواز شريف جهڙو وزير اعظم:اسفنديار

اسلام آباد(اي پي پي/آن لائن) اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته سندس پارٽي پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي، اسان کي شخصيتن کان وڌيڪ ادارن جي بالادستي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. گذريل ڏينهن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اي اين پي غير تڪراري پارليامينٽ جي حامي آهي، اسان کي پرويز مشرف جهڙو صدر گهرجي نه ئي نواز شريف جهڙو وزيراعظم پر ٻنهي جي اختيارن ۾ برابري هجڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ جمهوريت کي استحڪام ملي ۽ ادارا مضبوط ٿين. هن چيو ته جيستائين اسان گڏ نه ٿينداسين تيستائين مسئلن جو حل ممڪن نه آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري سرحد کي پختونخواهه جو نالو ڏنو آهي. ڪالا باغ ڊيم نه ٺهڻ ۽ صوبائي خودمختياري سوڌو 3 مطالبا دل سان تسليم ڪيا جن تي نه صرف سندس ٿورائتو آهيان پر 6 سيپٽمبر تي کيس صدارتي چونڊ ۾ ووٽ وسيلي صلو به ڏينداسين، هوڏانهن گلف نيوز مطابق اسفند يار ولي چيو آهي ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف ڪنهن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بدران  ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کي ترجيح ڏيندو،