خانيوال پولنگ دوران ميدان جنگ،فائرنگ،11 زخمي،منڊي بهاءُ الدين ۾ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر نتيجن سوڌو اغوا

لاهور/پشاور(بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) خانيوال ۾ پولنگ دوران مخالف گروپن ۾ جهيڙو، فائرنگ،  11 ڄڻا زخمي، ڪيترائي گرفتار، منڊي بهاءُ الدين ۾ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ووٽن  جي نتيجن سوڌو اغوا،خانگي ٽي وي  چئنل موجب  خانيوال جي علائقي جهانيان ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 219 تي پولنگ اسٽيشن تي پولنگ دوران ٻن گروپن  وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو،  جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين  هٿيارن جي  سر عام  نمائش ڪندي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾  ماڻهن  ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ علائقي واسين ۾ خوف پکڙجي ويو، پوليس ماڻهن  تي لٺبازي شروع ڪري ڏني  ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، واقعي جو چيف اليڪشن ڪمشنر نوٽيس وٺندي پنجاب جي چيف  سيڪريٽري ۽ آءِ جي  پوليس کي ذميوارن خلاف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، واضح رهي ته  اها سيٽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خالي ڪئي هئي ۽ ڪالهه انهي سيٽ تي سندس ڀاءُ مخدوم  مريد حسين قريشي  ۽ آزاد اميدوار چوڌري ڪرم وچ ۾ مقابلو ٿيو،  ٻئي  پاسي خانگي ٽي وي چئنل موجب پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 118  منڊي بهاءُ الدين جي  سدا واري  پولنگ جي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر تاج تارڙ پولنگ اسٽيشن جي  رزلٽ ۽ بيلٽ باڪس کڻي عدالت ۾ وڃي رهيو هو ته   رستي ۾ ان کي اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪري اڻڄاتل هنڌ کڻي ويا، علائقي جي پوليس عملي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر جي اغوا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. خانگي ٽي وي موجب پرزائيڊنگ آفيسر کي اغوا ڪري ويندڙن جي گاڏي   تي پ پ جا جهنڊا لڳل هئا، جڏهن  ته ڊي پي او منڊي بهاءُ الدين پڻ واقعي جي تصديق ڪئي، جڏهن ته  رات دير سان اغوا ٿيل اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر هٿياربندن  وٽان بازياب ٿي  عدالت پهچي ويو، جتي  صحافين پاران  کانئس اغوا ڪندڙن بابت   معلومات  وٺڻ تي  اتي بيٺل پوليس اهلڪار مڇرجي پيا ۽ صحافين  کي  سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندن ڪئميرائون پڻ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن ته اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ٻڌايو ته  اغوا ڪندڙن کانئس  ٿيلها  ڦر ڪري ورتا،  جن ۾ چونڊن جا نتيجا  ۽ ٻيو سامان  پيل هو. هوڏانهن  سرحد صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلي جي 7 تڪن تي چونڊ ٿي، پي ايف 59 بٽگرام جي پتوڙا پولنگ اسٽيشن تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي  سبب ڪجهه  دير لاءِ پولنگ روڪي وئي، پي ايف  20 چارسده جي  ٻن پولنگ اسٽيشنن تي اي اين پي ۽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي کانپوءِ  پولنگ ڪجهه دير روڪي وئي.