اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي اڃا به گهرو وزارت جي ماتحت آهن، پي آءِ ڊي جي پريس رليز جي حيثيت ناهي، نئون نوٽيفڪيشن اچڻو آهي:دفاعي ماهر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي آءِ جي ۽ دفاعي ماهر افضل علي ڇلگري چيو  ته ڪابينا ڊويزن پاران آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ کي گهرو وزارت جي ماتحت ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن اڃا برقرار آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته قانوني پوزيشن اها آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جو اڃا به مڪمل ڪنٽرول گهرو وزارت وٽ آهي، پي آءِ ڊي پريس رليز جي ڪا به حيثيت ناهي ۽ هو نوٽيفڪيشن کي رد نه ٿي ڪري سگهي، ان لاءِ نئون نوٽيفڪيشن اچڻو آهي.