اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

پير فريد سرهندي جيڪب آباد جو ڊي پي او مقرر،ثاقب ميمڻ کي رپورٽ جو حڪم

ڪراچي (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ پوليس صلاح الدين بابر خٽڪ واسطيدار اختياري جي منظوري سان پير فريد جان سرهندي کي ڊي پي او جيڪب آباد مقرر ڪيو آهي ۽ اتي اڳ مقرر ثاقب اسماعيل ميمڻ کي سي سي پي او ڪراچي وٽ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته اي ڊي آءِ جي ٽرئفڪ ذوالفقار مهر کي بدلي ڪري ايس ايس پي جاچ ايسٽ زون ون ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، جتان عبدالخالق شيخ ملڪ کان ٻاهر موڪل تي هليو ويو آهي.