اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
بئنڪن کي قرض اوڳاڙي لاءِ خانگي فورس جي استعمال کي روڪڻ جو حڪم ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورين خانگي توڙي سرڪاري بئنڪن کي ڪريڊٽ ڪارڊز ۽ ٻين اسڪيمن ذريعي ڏنل قرضن جي اوڳاڙي لاءِ خانگي فورس جي استعمال کي فوري طور روڪڻ جو حڪم ڏيندي بئنڪن کي ڄاڻايل قرضن جي اوڳاڙي لاءِ قانوني طور عدالتن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙو حڪم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مسز قيصر اقبال ۽ جسٽس محمود عالم رضوي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ بئنڪن جي خانگي فورس پاران قرضن جي اوڳاڙي گهرن تي ڪاهه ڪري توهين ڪندڙ رويو اختيار ڪرڻ، ڌمڪيون ڏئي ڏهڪاءُ پکيڙڻ خلاف مختلف شهرين پاران داخل ڪيل 11 هڪ جهڙيون آئيني درخواستون اڪلائيندي ڏنو.
|