اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

سنڌ نيشنل پارٽي جي واڌ جو ڪارڻ سنڌ جي اشوز تي بروقت جدوجهد ڪرڻ آهي:امير ڀنڀرو

ڪراچي/حيدرآباد(پ ر/نمائندن وٽان) سنڌ نيشنل پارٽي جي اٺين سالگرهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي، ڪارڪنن جون جهمريون، ڪيڪ ڪاٽيا ويا، ان ڏس ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر ٽائون ۾ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري وارث ڏاهري، ڊاڪٽر خليل ڀٽي، لياري ۾ ڊاڪٽر جبار ميمڻ، ڊاڪٽر اصغر ڏاهري، گڏاپ ٽائون ۾ رمضان بليدي، گلشن ٽائون ۾ سلطان بليدي، ملير ۾ حبيب راڄپر، بن قاسم ٽائون ۾ امير قمبراڻي ۽ علي بخش مگسي پارٽي سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا، حيدرآباد ۾پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو ۽ ٻين ڪيڪ ڪٽيو، بدين ۽ ماتلي ۾ ضلعي صدر مير محمد سولنگي، ٺٽي ۾ عبدالله ڀنڀرو، نوابشاهه ۾ ڪامران مهر ۽ اياز جمالي، مٽياري ۾ الهه ڏنو ابڙو، خيرپور ۾ صدر الدين ڦلپوٽو، سکر ۾اسلم ڀنڀرو، غلام عباس ۽ ٻين ڪيڪ ڪٽيو، شڪارپور ۾ رئوف کوسو، لاڙڪاڻي ۾ نصرالله ابڙو ۽ معشوق چنجڻي، قمبر ۾ حسين چانڊيو ۽ دلبر مگسي، شهدادپور ۾ رشيد مگسي، عزيز مينگل، ميهڙ ۾ ڪامريڊ انور کوکر، دادو ۾ منظور جمالي، احمد ملاح، نوشهروفيروز ۾ شمن چانڊيو، قاسم اسراڻ ۽ ٻين سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا، جڏهن ته 2 نومبر تي سالگرهه تقريب جو مرڪزي جلسو ڪراچي گڏاپ ٽائون ۾ ٿي رهيو آهي، حيدرآباد ۾ تقريب جي شروعات دهلن ۽ شرناين سان پارٽي ڪارڪنن طرفان جهمريون هڻي ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين امير ڀنڀرو چيو ته سنڌ نيشنل پارتي جي واڌ ويجهه جو سبب سنڌ کي خودمختياري ڏيارڻ ۽ سنڌ جي اشوز تي بروقت جدوجهد ڪرڻ آهي، ان موقعي تي مختلف قراردادون پڻ پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته ٿر جي ڪوئلي ۽ قادرپور گئس فيلڊ سميت سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪرڻ بند ڪيو وڃي، لساني ٽولي کي حڪومت کان ڌار ڪري ان خلاف 12 مئي، سانحه نشتر پارڪ، 9  اپريل ۽ ٻئي ٿيندڙ دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري ڏوهاري پڌرا ڪيا وڃن، پناهگيرن جي آمد روڪي سنڌ جي شهرن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، 17 سالن کانپوءِ  ملندڙ سرڪاري نوڪرين جو وڪرو بند ڪري سنڌ جي غريب ۽ پٺتي پيل نوجوانن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪريون ڏنيون وڃن، سنڌ مان بدامني، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪيو وڃي، سنڌو جي پاڻي جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ ڦٽي جو اگهه 2500 رپيا مڻ مقرر ڪري هٿرادو اگهه جي ڪرڻ کي روڪيو وڃي.