اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
باجوڙ ۾ آپريشن،وڌيڪ 18 ويڙهاڪ مارجي ويا،اهم ٺڪاڻا تباهه پشاور (بيورو رپورٽ) قبائلي علائقن ۾ فورسز جي آپريشن ۾ وڌيڪ 18 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن، 2 ڄڻن کي آمريڪي جاسوسي جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي، اعلان موجب فورسز گن شپ هيليڪاپٽرن ذريعي باجوڙ جي علائقن چهارمنگ ۽ ٻين علائقن تي گولا باري ڪئي، ذريعن موجب 18 ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته ويڙهاڪن جا اهم ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا، هوڏانهن اتر وزيرستان جي علائقي ڪم سرويي ۾ ويڙهاڪن آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ ٻن مقامي قبائلين کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي لاشن کي ميران شاهه روڊ تي اڇلائي ڇڏيو، ٻئي طرف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ اڻڄاتل ماڻهن هڪ طالبان ڪمانڊر جي گاڏي کي ٽائيم بم سان تباهه ڪري ڇڏيو، باڙهه مارڪيٽ ۾ واقع وڊيو سينٽرز کي تباهه ڪرڻ لاءِ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي دوران نامعلوم ماڻهن هڪ سائيڪل تي دٻي ۾ 10 ڪلو وزني ٽائيم بم نصب ڪري سائيڪل کي وڊيو سينٽرز جي ويجهو بيهاريو ويو ۽ وڏي پئماني تي تباهي پکيڙڻ واري بم جي ويجهو 5 گيلن پيٽرول به رکيوويو، رات 9 لڳي 15 منٽن تي پوليس کي ڪنهن شهري شڪي سائيڪل بابت اطلاع ڏنو ته ايس پي آپريشن ارشاد احمد خان بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس جي وڏي نفري سان گڏ موقعي تي پهچي ويو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج سائيڪل تي موجود دٻي کي کوليو ته ان ۾ ٽائيم بم هو، جيڪو 5 منٽن کانپوءِ ڦاٽڻو هو، عنايت بم کي ناڪاره بڻايو، پنجاب اسيمبلي جي خاص ڪاميٽي جي ميمبرن باجوڙ ۽ ٻين قبائلي علائقن جي متاثرن لاءِ 5 ڪروڙن جو فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ مهيني جي پگهار ڏني ويندي، اهو فيصلو صوبائي ناڻي واري وزير تنوير اشرف قائره جي صدارت هيٺ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو،
|