اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
عالمي بئنڪ جو”وسپ“منصوبو شروع ٿيڻ کان اڳ سيڊا جي 4 جي ايمز سميت 31 ملازمن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪراچي (رپورٽ: امتياز چانڊيو) ورلڊ بئنڪ 10 ارب رپين جي واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ کان اڳ سيڊا جي 4 جنرل مئنيجرز سميت 31-ملازمن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جنهن تان سيڊا ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. جڏهن ته سيڊا ۾ ڪم ڪندڙ 4 جنرل مئنيجرز ورلڊ بئنڪ جي ڪنسلٽنٽ اڳيان سخت احتجاج ڪندي نيون ڀرتيون ڪرڻ جي صورت ۾ عدالت ۾ وڃڻ جو چتاءُ ڏنو آهي ۽ ايم ڊي سيڊا به نئين سر ڀرتيون ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ”ڪاوش“ کي ذميوار ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ورلڊ بئنڪ پاران سيڊا جي سهڪار سان نيشنل ڊرينيج پروگرام ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ 10-ارب رپين جي ماليت سان واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ (وسپ) شروع ڪيو، جنهنجي شروعات ته جون 2007ع ۾ ٿيڻي هئي پر رٿا تي عمل مختلف سببن جي ڪري رولڙي جو شڪار ٿيو، ان کانپوءِ وسپ کي هاڻي جنوري 2009ع کان باضابطه شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ ورلڊ بئنڪ نئين سر 9 جنرل مئنيجرن سميت 31-ملازم ڀرتي ڪرڻ لاءِ 15-آڪٽوبر تي اشتهار ڏنو ته جنرل مئنيجرز 31-عهدن تي (ڪانٽريڪٽ) ملازمن جي ضرورت آهي. ان لاءِ اهل اميدوار سي ويز اماڻين. ذريعن موجب ورلڊ بئنڪ پاران وسپ فيز1 ۾ نئين سر ڀرتيون ڪرڻ جو اشتهار اخبارن ۾ اچڻ تي سيڊا ۾ ڪم ڪندڙ جنرل مئنيجرز ٽرانسيشن، پروفيسر اعجاز قريشي، جي ايم فنانس انور حسين ميمڻ، جي ايم آر اينڊ ڊي ممتاز سهاڳ ۽ جي ايم آپريشن ۽ سيڪريٽري سميت 31 ملازمن سخت اعتراض ڪيو ته هو سالن کان ڪم ڪري رهيا آهن، تنهنڪري کين نه هٽايو وڃي، ذريعن موجب ورلڊ بئنڪ جو موقف آهي ته هو وسپ پراجيڪٽ کي شفاف طريقي سان شروع ڪرڻ چاهين ٿا، تنهنڪري هو نوان آفيسر ۽ ملازم ڀرتي ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن اڳ ۾ مقرر ٿيل جنرل مئنيجرز ٻيهر انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيا ته کين ضرور مقرر ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن ورلڊ بئنڪ پاران ايف اوز بابت مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ ييلي ۽ پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر عبدالسلام ميمڻ، وسپ پراجيڪٽ بابت سيڊا آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهنجي صدارت ايم ڊي محمد هاشم لغاري ڪئي، اجلاس ۾ جنرل مئنيجرز ٽرانسزيشن، فنانس، آر اينڊ ڊي ۽ آپريشن ورلڊ بئنڪ جي ڪنسلٽنٽ اڳيان احتجاج ڪيو ته هو نئين سر ڀرتيون ڪرڻ وارو عمل بند ڪن، ڇو ته هو سالن کان ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ احتجاج ڪندڙ جنرل مئنيجرز اهو چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کين هٽائي نئين سِر ڀرتيون ڪيون يا کانئن وري انٽرويوز ورتا ويا ته هو عدالت ۾ ويندا، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايم ڊي سيڊا محمد هاشم لغاري ”ڪاوش“ کي تصديق ڪندي ٻڌايو ته گڏجاڻيءَ ۾ جنرل مئنيجرز اعتراض رکيا ته نيون ڀرتيون نه ڪيون وڃن. اسان جو به اهو موقف آهي ته سينيئر ۽ تجربيڪار آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن تن کي نه هٽايو وڃي، هن ان سوال ته ڇا جي ايمز عدالت ۾ وڃڻ جو چتاءُ ڏنو آهي؟ جي جواب ۾ چيو ته بلڪل اها ڳالهه ٿي هئي، باقي جڏهن هو عدالت ۾ ويندا پوءِ ڏسنداسين، منهنجي به اها ڪوشش آهي ته جڏهن پراڻا ماڻهو ڪم ڪن پيا ته پوءِ نوان ڇو آفيسر/ملازم مقرر ڪيا وڃن.
|