اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

12 مئي واقعي جي جاچ ڪري ملوث ڌر کي سزا ڏني وڃي:محمود اچڪزئي

ڪوئيٽا (بيورو رپورٽ) اي پي ڊي ايم 12 مئي تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اتحاد جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 12 مئي واري واقعي جي جاچ ڪري ملوث ڌر کي سزا ڏني وڃي، هينئر تائين ان واقعي جي ڪا به تحقيقات ٿي نه سگهي آهي، واقعو جنهن به ڪيو آهي، ان کي منظر تي آڻڻ ۽ سزا ملڻ گهرجي، ان واقعي کي وساري ڇڏڻ گناهه سمجهون ٿا، هن چيو ته 12 مئي تي اي پي ڊي ايم ڪارو ڏينهن ملهائيندي، هن چيو ته ججن کي بحال نه ڪيو ويو ته اسان اڪيلا به ميدان ۾ هونداسين، 12 مئي جو انتظار آهي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد ۾ 14 مئي تي گهرايل اجلاس ۾ حڪمت عملي طئي ڪنداسين، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ججن کي بحال نه ٿي ڪري ته اها پنهنجي تابوت ۾ پاڻ ڪوڪا پئي هڻي.