ڪراچي (بيورو رپورٽ)

حالتون ڪنٽرول ڪري نه ٿو سگهان، استعيفا ڏيڻ چاهيان ٿو:گورنر بلوچستان

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي گورنر نواب ذوالفقار علي مگسي چيو آهي ته صوبي جي حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيان ان ڪري آئون ستعيفا ڏيڻ چاهيان ٿو، ڪالهه گورنر هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبي ۾ ڪيترائي ٻيا سٺا ماڻهو آهن جيڪي صوبي جي حالتن  کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا، ان کان اڳ گورنر 18 شهيدن ۽ پوليس ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۾ ميڊل ورهايا.