|
هرات ۾ پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران بم ڌماڪو،3ڄڻا زخمي، افغان سفير پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج ڪابل (اي ايف پي/فارين ڊيسڪ) افغانستان جي شهر هرات ۾ پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران بم ڌماڪي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،پاڪستان واقعي جي مذمت ڪندي افغان سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو، هرات جي ڊپٽي پوليس چيف غلام سرور حيدري اي ايف پي کي ٻڌايو ته پاڪستاني قونصل خاني ٻاهر بم هڪ سائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو، جنهن کي ريموٽ ڪنٽرول سان اڏايو ويو، هن ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي. ڌماڪي سبب عمارت جا شيشا پڻ ٽٽي پيا، قونصل خاني جي عمارت کي ڪو نقصان نه پهتو، سائيڪل سفارتخاني ٻاهران پوليس چوڪي ڀرسان بيٺل هئي، پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ اهلڪار پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته سيڪيورٽي وڌائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، آخري اطلاع تائين بم ڌماڪي جي ڪنهن به ذميواري قبول نه ڪئي هئي، جڏهن ته پاڪستان افغانستان جي سفير کي پرڏيهي آَفيس طلب ڪري واقعي تي سخت احتجاج ڪيو آهي، انهي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، افغانستان ۾ پنهنجي قونصل خاني کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻئي پاسي افغانستان ۾ اتحادي فوج زميني ۽ هوائي ڪاررواين ۾ 30 طالبان مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته افغان ٽي وي جي گرفتار ڪيل صحافي ناصر فياض کي آزاد ڪيو ويو آهي، غزني جي ترجمان اسماعيل جهانگير دعويٰ ڪئي آهي ته اندار ضلعي ۾ نيٽو فورسز جي گاڏي هڪ بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجڻ سبب ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ اتحادي فوج علائقي ۾ طالبان خلاف آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 30 طالبان مارجي ويا. |