(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن)

ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پ پ ڪارڪن سميت 3 ڄڻا قتل

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۽ فيروز آباد ۾ ڪالهه هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيپلز پاٽي جي ڪارڪن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، پ پ ڪارڪن 35 سالن جو محمد آصف گبول ولد فيض محمد گبول لينڊ ڪروزر ۾ ويو پئي ته گلشن معمار ويجهو شاد باغ موڙ وٽ نامعلوم هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب آصف گبول ٿڏي تي مارجي ويو، مقتول گلشن معمار جي ويجهو ئي سندس والد جي نالي تي اڏيل گبول ڳوٺ جو رهواسي هو، سندس ڀيڻيو حميد گبول يوسي نائب ناظم به رهيو آهي، ٻئي طرف فيروز آباد جي عمر ڪالوني ۾ واحد حسين ولد راجا زاهد افطاري لاءِ هوٽل تي ويٺو هو ته هيلمٽ پاتل موٽرسائيڪل سوار 2 هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، مقتول اصل راولپنڊي جو رهواسي هو ۽ هو ڪراچي ۾ ملير ۾ رهندو هو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن هڪٻئي کي چيو ته اڄ هن کي نه ڇڏينداسين، هوڏانهن شاهه لطيف ٽائون جي گلستان سوسائٽي ۾ موبائيل فون جي فرينچائز دڪان جي سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ 25 سالن جو نوجوان افتخار مارجي ويو، واٽهڙو سبطين زخمي ٿي پيو، پوليس سيڪيورٽي گارڊ بهادر علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب مقتول افتخار ساڳئي علائقي جو رهواسي هو ۽ گارڊ جو چوڻ آهي ته دڪان بند ٿي وڃڻ باوجود نوجوان زوري دڪان ۾ گهڙيو پئي، منع ڪرڻ تي جهيڙو ڪيائين، جنهن تان هن گولي هلائي.