|
انگور اڏا جهڙيون ڪارروايون مستقبل ۾ به ٿي سگهن ٿيون(آمريڪا) جوابي ڪارروائي جو حق رکون ٿا:پاڪ فوج اسلام آباد/واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي دفاعي کاتي پينٽاگون اعتراف ڪيو آهي ته وزيرستان جي علائقي انگور اڏا تي ڪارروائي آمريڪي اسپيشل فورسز ڪئي آهي، اهڙي قسم جون ڪارروايون مستقبل ۾ به ٿي سگهن ٿيون. خانگي ٽي وي موجب پينٽاگون اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوج افغانستان ۾ سرحد پار دهشتگردي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي. انگور اڏا تي ڪارروائي اهڙي ئي وڌيڪ ڪاررواين ڏانهن اڳڀرائي آهي.آمريڪي فوج اهڙي جارحاڻي پاليسي تي عمل پيرا آهي، جنهن جو فيصلو افغانستان تي حملي بعد ڪيو ويو هو. ٻئي طرف آمريڪي وائيٽ هائوس جي ترجمان ڊينا پرينو پريس برينفگ ۾ چيو ته دهشتگرد آمريڪا ۽ پاڪستان جا گڏيل دشمن آهن،اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن،هن چيو ته پاڪستان جي نئين جمهوري حڪومت سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، هن انگور اڏا تي ڪارروائي بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو، ٻئي پاسي فوجي ترجمان ميجر جنرل اطهر عباس مختلف نيوز چئنلز سان ڳالهائيندي چيو ته پهريون ڀيرو اتحادي فوج پاڪستاني علائقن ۾ بنا سبب جي ڪارروائي ڪئي، مارجي ويلن جو تعلق دهشتگردن يا دهشتگردي سان نه هو ۽ نه ئي سرحد پار دهشتگردي ۾ ملوث آهن. هن خبردار ڪيو ته اسان جا سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجي شهرين جي دفاع جو حق رکن ٿا ۽ جوابي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ نيٽو اتحادين جي لاڳاپيل اختياين آڏو احتجاج ڪندي کين چيو ويو آهي ته اسان پنهنجي دفاع ۾ ڪارروائي جو حق رکون ٿا، هن چيو ته اسان جي اطلاعن موجب ڪارروائي اتحادي فوج ڪئي آهي.
|