|
اين سي ايڇ ڊي جي 80 هزار ملازمن کي برطرفي جا ليٽر جاري،پهرين سيپٽمبر کان آفيسون بند ڪرڻ جو اعلان اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) اين سي ايڇ ڊي انتظاميا وفاقي حڪومت جي هدايتن باوجود اداري جي 80 هزار ملازمن کي نوڪري تان برطرفي جا آرڊر اماڻي ڇڏيا آهن ۽ باضابطا طور تي پهرين سيپٽمبر کان اداري جي سڄي ملڪ جي آفيسن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اين سي ايڇ ڊي انتظاميا پاران ڪالهه 31 جولاءِ واري ڏينهن سڄي ملڪ اندر پهچي 80 هزار ملازمن کي نيڪاليءَ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، اداري پاران جاري نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اين سي ايڇ ڊي انتهائي گهڻي افسوس سان اوهان (ملازمن) کي آگاهه ڪري ٿو ته اوهان جي اداري ۾ سٺي سروس باوجود فنڊ نه هجڻ ڪري اوهان جي سروس جاري نه ٿي رکي سگهجي، جنهن ڪري اوهان کي آگاهه ڪجي ٿو ته اوهان 31 آگسٽ کانپوءِ اداري جا ملازم نه هوندا، ليٽر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت پاران فنڊ ڏنا ويا ته اوهان جون خدمتون جاري رکي سگهجن ٿيون، ان حوالي سان اين سي ايڇ ڊي جي ترجمان عامر بلال ”ڪاوش“ پاران رابطي ڪرڻ تي 80 هزار ملازمن کي برطرفي جي جاري ڪيل نوٽيسن جي تصديق ڪندي چيو ته پهرين سيپٽمبر کان فنڊ نه ملڻ جي صورت ۾ اين سي ايڇ ڊي جون سڄي ملڪ اندر قائم آفيسون بند ڪري، تعليم ۽ هيلٿ تي هلندڙ منصوبن کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته اين سي ايڇ ڊي 2002ع ۾ قائم ٿي، اداري هن وقت تائين 8.2 ملين ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو، سڄي ملڪ اندر 21640 فيڊرل ڪميونٽي اسڪول سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيا، هن اداري لٽريسي سينٽر به هلايا ۽ هڪ لک 21 هزار 187 لٽريسي سينٽر ملڪ اندر ڪجهه ڪجهه مهينن لاءِ قائم ڪيا، جنهن ۾ ڪم ڪري اين سي ايڇ ڊي کي انٽرنيشنل ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته اداري 2068 ملين 20 کان 50 سالن جي عمر رکندڙن کي بنيادي تعليم سان روشناس ڪيو، جنهن ۾ 86 سيڪڙو تعداد عورتن جو آهي، ان ڪري حڪومت پاڪستان اين سي ايڇ ڊي کي ليڊنگ ايجنسي قرار ڏنو، هن چيو ته ادارو بند ٿيڻ سان 50 هزار استادن سميت 30 هزار مستقل ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازم بيروزگار ٿيندا، هن چيو ته حڪومت کي اين سي ايڇ ڊي کي 2.3 بلين رپيا سالياني طور تي رقم ڏيڻي هئي، جيڪا لڳاتار نه ملڻ ڪري بورڊ آف گورننس جي فيصلي موجب ملازمن کي نيڪالي وارا نوٽيس روزانه ڪيا ويا آهن، هن چيو ته آگسٽ مهيني تائين جيڪڏهن حڪومت اين سي ايڇ ڊي کي 405 ملين جي رقم به ڏني وئي ته اداري کي ڪجهه مهينن تائين هلائي سگهجي ٿو، هن چيو ته اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق اشرف وزيراعظم ڏانهن ڪالهه 31 جولاءِ واري ڏينهن اين سي ايڇ ڊي جي پي سي ون ۽ اداري بابت سمري به اماڻي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اين سي ايڇ ڊي جي اڪائونٽ جي آڊٽ به ٿي وئي آهي ۽ ان بعد ان اداري کي هلائڻ لاءِ فوري طور پئسا ڏنا وڃن، ياد رهي ته اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين کي خزاني جي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو هو ته ملازمن کي ڪڍڻ وارو انتهائي قدم کڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي پر ان هدايت کي ٻڌواڻ ٻڌو ڪندي ملازمن کي نوڪرين تان برطرفي جا حڪم ناما جاري ڪري ڇڏيا آهن. |