اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

سلمان تاثير جي پرويز الاهي سان ملاقات، صدارتي  چونڊ ۽ پنجاب حڪومت ۾ امڪاني تبديلي تي ڳالهيون

لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جي گورنر سلمان تاثير مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ ۽  قومي اسيمبلي ۾ مخالف  ڌر جي سرواڻ  چوڌري پرويز الاهي سان  رات دير سان ملاقات ڪئي آهي.ذريعن مطابق ملاقات ۾  صدارتي  چونڊ ۽  ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب سلمان تاثير پرويز الاهي کي چيو ته مسلم ليگ (ق) آصف زرداري جي حق ۾ مشاهد حسين  کي هٿ کڻائي، جيڪڏهن نه ته گهٽ ۾ گهٽ (ق) ليگ جو ڪو به ووٽ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار کي نه وڃڻ کپي، ذريعن موجب  سلمان تاثير (ق) ليگ کي اها آڇ ڪئي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ (ن) ليگ جي پنجاب حڪومت ختم ڪرڻو پوي ته ايندڙ وڏو وزير (ق) ليگ جو هوندو، جنهن لاءِ سينيئر سياستدان حامد ناصر ڇٺا جو نالو ورتو پيو وڃي.