اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

معياري وقت 31 آڪٽوبر تائين برقرار رکڻ بيوقوفاڻو فيصلو آهي:واپاري

ڪراچي (آن لائن)ڪراچي جي واپارين  پاڪستان جي نئين معياري وقت کي 31 آڪٽوبر تائين برقرار رکڻ واري فيصلي کي رد  ڪندي چيو آهي ته حڪومت جو اهو فيصلو بيوقوفاڻو آهي، ڇاڪاڻ ته وقت هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪرڻ سان نه اڳ ۾ فائدو ٿيو آهي ۽ نه ئي وري هاڻي ٿيندو، جڏهن ته  رمضان المبارڪ دوران  سحري توڙي افطاري سميت ٻين مذهبي تقريبن جي ادائگي ۾ ڏکيائي پيش ايندي،  ان سلسلي ۾ الائينس آف مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين  عتيق مير  چيو ته حڪومت هڪ طرف  بجلي بچائڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي پر ٻئي طرف بجلي جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي.