اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

قائم علي شاهه پاڪ-ڀارت ميچ ڏٺي، ”جيئي ڀٽو“ جي نعرن سان اسٽيڊيم ۾ آجيان

ڪراچي (بيورو رپورٽ) وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڪالهه نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ اتي پاڪستان ۽ ڀارت جي  وچ ۾ ايشيا ڪپ 2008ع مقابلا ڏسڻ لاءِ ڪالهه جيئن اسٽيڊيم پهتو ته شائقين جيئي ڀٽو-”زنده هي ڀٽو زنده هي“ شهيد بينظير جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي سندس آجيان ڪئي، هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيس ۾ عهديدارن ۽ عملدارن سان ملاقات ڪئي، بعد ۾ کيس سيڪيورٽي روم ۾ سيڪيورٽي انتظامن بابت آگاهي ڏني وئي، وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير اسپورٽس ڊاڪٽر محمد علي شاهه، اڳوڻي وزير حاجي منور علي عباسي ايم پي اي، معاون خصوصي وقار مهدي، معاون خاص امتياز ملاح ۽ ٻين سان گڏ اسٽيڊيم جا مختلف حصا گهمي ڏٺا ۽ ماڻهن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان جي ڪمينٽري باڪس ۾ تاثرات رڪارڊ ڪرائيندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ماڻهو تاثر ڏئي رهيا هئا ته ڪراچي ۾ نه اچڻ گهرجي پر هينئر ٻن مهينن اندر ماحول بهتر ٿي ويو آهي ۽ حالتون به وڌيڪ بهتر ٿينديون، وزيراعليٰ سنڌ ٻن ڪلاڪن تائين ميچ ڏٺي.