دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

دهشتگردن مان اڃا به خطرو آهي،آمريڪا جنگي حالت ۾آهي:بش

واشنگٽن (فارين ڊيسڪ) آمريڪي صدر بش چيو آهي ته آمريڪا اڃا به جنگي حالت ۾ آهي، دهشتگردن مان آمريڪا ۽ سڄي دنيا کي خطرو آهي، واشنگٽن  ۾ ميڊيا بريفنگ ۾ هن چيو ته عراق ۾ صورتحال ۾ بهتري اسان جي پاليسي  جي ڪاميابي هوندي، هتي القاعده جو خاتمو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته عراق ۾ آمريڪي فوج جي مقرري جو مدو 15 مان گهٽائي 12 مهينا ڪيو ويو آهي، عراق ۾ فوج گهٽائڻ جو دارو مدار عراقي سيڪيورٽي ۾ استحڪام تي ڇڏيل آهي، هوڏانهن  بش انتظاميا ڳجهن جاسوس ادارن جي طريقيڪار ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي ميڊيا مطابق حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي ته صدر بش ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر ملڪي ڳجهن جاسوس ادارن جي طريقيڪار ۾ تبديلي جي حڪمن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، انهن حڪمن تحت 16 ڳجهن جاسوس ادارن جي طريقيڪار ۾ تبديلي آندي ويندي.