دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

اتر وزيرستان ۾ آمريڪا جو ميزائيل حملو:6 پرڏيهين سميت 11 ڄڻا مارجي ويا:ڪيترائي زخمي

ميران شاهه ( اي ايف پي/مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ آمريڪي جاسوس جهازن جي ميزائيل حملي ۾ 6 پرڏيهين سميت 11 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، خانگي ٽي وي  چئنلز موجب ميزائيل حملو ميران شاهه ۾ پيران جي علائقي تپي ۾ طالبان جي مقامي اڳواڻ مولوي سحر گل جي گهر ۽ حجري کي نشانو بڻايو ويو، گهر ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا، جنهن ۾ 3 ٻارڙا ۽ 2 عورتون شامل  آهن، سندس حجري ۾ مهمان ترسيل هئا، حملي ۾ 2 مارجي ويا ۽ 2 شديد زخمي ٿيا، حجري ۾ 6 ڄڻا ترسيل هئا، باقي 2 فرار ٿي ويا، آمريڪي جاسوسي جهاز 2 ميزائل فائر ڪيا ويا، اعلان ڪيا ويا آهن ته ملبي هيٺان ماڻهو دٻيل آهن تنهن ڪري مقامي آبادي کي پهچڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، ڊاڪٽرن کي پهچڻ لاءِ چيو ويو آهي، جڏهن ته نورڪ، تپي ۽ سپلگا ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته تپي ۾ سلطان نالي شخص جو گهر ميزائيل حملي ۾ تباهه  ٿي ويو، اي ايف پي موجب سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ 6 عرب ويڙهاڪ به شامل  آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعداد وڌڻ جو خدشو آهي، جاسوس جهازن جون اڏامون جاري آهن، اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ آهي ته ميزائيل حملو ٿيو ۽ شعلا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي ڪرڻ سبب جاني نقصان ٿيو، واضح رهي ته آمريڪا اتر وزيرستان ۾ 9 حملا ڪري چڪو آهي.