بغداد (اي ايف پي)

پاڪستاني حدن جو احترام آهي پر دفاع جو حق رکون ٿا:نيٽو

ڪابل (فارين ڊيسڪ) نيٽو جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل جيمز چيو آهي ته مستحڪم افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، مڪمل امن تائين افغانستان ۾ رهنداسين، نيٽو پاڪستان جي سرحدن جو مڪمل احترام  ڪري ٿي، خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مهمند ايجنسي جو واقعو افسوسناڪ آهي پر جيڪڏهن نيٽو فوج تي فائرنگ ٿيندي ته نيٽو کي دفاع جو به پورو حق آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته مهمند ايجنسي جهڙو واقعو اڳتي پيش نه اچي.