دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
واجد شمس الحسن ۽ اين آر بي چيئرمين جي الطاف سان 4 ڪلاڪ گڏجاڻي ڪراچي (بيورو رپورٽ) لنڊن ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن ۽ قومي تعمير نو بيورو جي چيئرمين ڊاڪٽر عاصمه لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سان 4 ڪلاڪن تائين ڊگهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان اندر طالبانائيزيشن جي سازشن، قبائلي علائقن ۽ سرحدي علائقن ۾ نيٽو ۽ آمريڪي فوج جي امڪاني ڪاررواين تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ڳالهائيندي چيو ته قبائلي علائقن ۾ هلندڙ دهشتگردي سبب پاڪستان جي سرحدن تي ٻاهرين حملن جا خطرا وڌي ويا آهن ۽ پاڪستان موجوده حالتن ۾ ٻاهرين حملن جي خطرن ۾ گهيريل آهي، ماضي جي اسٽيبلشمينٽ جي ناسمجهه پاليسين جو نتيجو آهي، ڇو ته ماضي ۾ نوجوانن کي جهاد جي نالي تي دهشتگردي جي رستي تي آندو ويو، جيڪو ٻج پوکيو ويو ان مان مضبوط وڻ بڻجي ويو آهي. |