ميران شاهه(اي ايف پي) |
|
نوازشريف حڪمران اتحاد کان ڌار ٿي سياسي خودڪشي ڪئي آهي:آمريڪي ميڊيا نيويارڪ (اي پي پي) آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف جي حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ کي سياسي آپگهات قرار ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف گمراهه رستي تي هليو ويو آهي. وال اسٽريٽ جرنل پنهنجي تازي رپورٽ ۾ پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته پرويز مشرف طرفان صدارت جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ نواز شريف پنهنجو اصل رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هڪ اهڙي اڳوڻي چيف جسٽس جي بحالي چاهي ٿو جيڪو سياست ۾ ملوث آهي. |