|
هٽايل چيف
جسٽس سميت جيڪو جج بحال ٿيڻ چاهي ٿو ته ٻيهر حلف کڻي:وزير
قانون
دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)قانون جي وفاقي وزير فاروق ايڇ نائيڪ چيو
آهي ته هٽايل چيف جسٽس سميت جيڪو جج بحال ٿيڻ چاهي ٿو ته اچي ۽
آئين تحت حلف کڻي، اها ڳالهه هن صدارتي اميدوارن جي جاچ پڙتال
جي موقعي تي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪئي، هن چيو ته هٽايل
ججن جي بحالي ۾ حڪومت نه پر خود هٽايل جج رڪاوٽ آهن، هن چيو ته
حڪومت جج بحال ڪرڻ جي موقف تي قائم آهي ۽ سمورن ججن کي بحال
ڪيو ويندو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو
ته اڳوڻي آءِ جي راڻا مقبول زرداري تي تشدد ڪري اعترافي بيان
لکڻ جو چيو ۽ ڌمڪي ڏني ته مقابلي ۾ مارائينداسين، اهي هدايتون
مٿان ملي رهيون هيون، زرداري نواز شريف کي راضي ڪري مشرف کي
صدارت تان هٽايو، هن چيو ته جسٽس چوڌري سان ڪا به شڪايت ناهي،
کيس بحال ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته مشرف آئين ٽوڙيو ۽ هن جيڪي
غير آئيني قدم کنيا آهن پارليامينٽ ان جو تحفظ نه ڪندي.
|