لاهور بيو رو رپورٽ

الطاف ايم ڪيو ايم طرفان آصف کي صدارتي اميدوار تجويز ڪري ڇڏيو

لنڊن (اي پي پي) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم طرفان پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي صدارتي اميدوار تجويز ڪريان ٿو، آصف علي زرداري مواخذي جي معاملي کي سٺي نموني سان حل ڪيو، جيڪو تعريف جوڳو آهي. اهڙي طرح اڳوڻي صدر پرويز مشرف ملڪ ۽ قوم جي فائدي لاءِ استعيفا ڏئي ملڪ کي وڏي بحران کان بچائي ورتو آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آصف زرداري محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي صدمي کي جهڙي طرح صبر تحمل سان برداشت ڪندي پارٽيءَ کي متحد رکيو ۽ پاڪستان کپي جو نعرو همت ۽ حوصلي سان لڳايو، اهو هڪ اعليٰ حڪمت عملي جو کليل ثبوت آهي.  هن چيو ته آصف زرداري ساڍا 11 سال جيل ڪاٽيو ۽ ڪيترائي سال جلاوطن رهيو، محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون انهن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ساٿين جي مشوري کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هاڻي صدارتي اميدوار لاءِ ننڍي صوبي مان جيڪڏهن صدر جي عهدي لاءِ اخلاقي طور تي ڪنهن جو حق ٿئي ٿو ته اهو آصف زرداري جو ٿئي ٿو، مان پارٽيءَ جي اڳواڻ جي حيثيت سان آصف زرداري کي صدارتي چونڊ لاءِ پروپوزل ڪيان ٿو ۽ آصف زرداري سندس ساٿين ۽ سڀني پارٽين جي اڳواڻن کي اپيل ڪيان ٿو ته اهي منهنجي ان پروپوزل تي غور ڪندي آصف زرداري کي صدارت جي عهدي لاءِ نامزد ڪري. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي روح کي سڪون پهچائين. هن چيو ته مون کي اُميد آهي ته سڀئي منهنجي ان اپيل تي غور ڪندا.