|
نواز شريف لنڊن ۾ وزيراعظم
گيلاني سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو
لنڊن
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف لنڊن
۾ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،
ان کان اڳ اهي اطلاع هئا ته وزيراعظم آمريڪا روانگي دوران لنڊن
۾ هڪ رات ترسندو، جتي هو نواز شريف سان به ملاقات ڪندو پر
ڪالهه اهي خبرون آيون ته نواز شريف وزيراعظم سان ملاقات کان
انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽ موجب وزيراعظم جڏهن لنڊن ۾
هوندو ته نواز شريف يورپي ملڪن جي دوري تي روانو ٿي ويندو،
جتان 30 جولاءِ تي وطن ورندو، نواز ليگ جي هڪ اڳواڻ موجب نواز
شريف کي باضابطا طور وزيراعظم سان ملاقات بابت ڄاڻ ڏني وئي
هئي، جڏهن ته يورپ جو دورو سندس اڳ ئي طئي ٿيل هو، ان ڪري يورپ
وڃڻو آهي، هڪ خانگي ٽي وي چينل موجب (ن) ليگ ذريعن جو چوڻ آهي
ته نواز شريف وزيراعظم سان ملاقات نه ڪندو، جڏهن ته غير رسمي
طور وزيراعظم ۽ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين وچ ۾ ملاقات جو
امڪان آهي، رپورٽ موجب نواز پنهنجي مصروفيتن سبب وزيراعظم سان
ملاقات کان معذرت ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندس گهر واري ڪلثوم نواز
اسپتال ۾ آهي، تنهن ڪري هو وزيراعظم سان نه ٿو ملي سگهي.
|