|
ناميارو ڪهاڻيڪار مظهر الاسلام
لوڪ ورثا جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر
اسلام
آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جي نامياري دانشور، اديب،ڪهاڻيڪار ۽
لوڪ ورثا سان محبت رکندڙ لوڪ ورثا جي ڊائريڪٽر مظهر الاسلام کي
لوڪ ورثا جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. حڪومت 8
سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ لوڪ ورثا جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر
عڪسي مفتي جو ڪانٽريڪٽ رد ڪري مظهرالاسلام کي اداري جو
ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي،
جيڪو گريڊ 20 جو آفيسر آهي، لوڪ ورثا جو ايگزيڪيوٽو عڪسي
مفتي گذريل 8 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي اداري جي سربراهه طور
ذميواريون سنڀالي رهيو هو، پر ادب، لوڪ ورثي ۽ دستڪاري جي
پارکو ڌرين جو موقف آهي ته لوڪ ورثا ماضي ۾ پنهنجي مقصدن ۽ ڪم
کان هٽي ويو هو، پران جي سربراهي ادب توڙي لوڪ ورثي ۽ ملڪ جي
فنڪارن سان محبت رکندڙ مظهر الاسلام حوالي ٿيڻ سان لوڪ فنڪارن،
دستڪارن ۽ لوڪ ورثي ۾ريسرچ ڪندڙن کي فائدو ٿيندو. ادبي حلقن
مطابق ڪافي عرصي کان لوڪ ورثا ۾ ريسرچ ۽ پبليڪيشن جو ڪم بند هو،
پر اميد ته هاڻي سنڌ سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ لوڪ روايتن ۽
دستڪاري کي هٿي ملڻ سان گڏ فنڪارن جي فلاح ۾ بهتري ايندي. ٻئي
طرف پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو مظهرالاسلام جي لوڪ ورثا ۾
ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور مقرريءَ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته
سرڪار جو هي نهايت سٺو فيصلو آهي، جنهن سان پڙهيل لکيل ۽ علم
دوست ماڻهو خوش ٿيا آهن. ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته لوڪ
ورثا اهم اداروآ هي، پر ماضيءَ ۾ اهو حاڪمن جي تعريفن ۾ لڳي
ويو هو، هاڻي مظهرالاسلام جي ڪري ادارو وري پنهنجو تاريخي ڪم
شروع ڪندو ۽ اديبن ۽ ڏات ڌڻين جي پرگهور ٿيندي، ڇاڪاڻ ته پاڻ
چڱو ماڻهو آهي، سنڌ ۾ سندس کوڙ چاهيندڙ آهن، ذوالفقار هاليپوٽي
چيو ته مظهرالاسلام حقيقي معنيٰ ۾ پاڪستان جو نمائندو آهي، هن
ادب ۾ چئني صوبن جي ماڻهن جي ڳالهه ڪئي آهي، اسين اميد ڪريون
ٿا ته مظهر الاسلام پنهنجي عهدي سان انصاف ڪندو.
|