اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ججن جي بحالي ۽ آئيني پئڪيج جو فيصلو آصف ۽ نواز کي ڪرڻو آهي:نائيڪ

اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) قانون جي وفاقي وزير فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته پي سي او تحت حلف نه کڻندڙ جج عدليا ۾ شامل ٿين اسان انهن جي آجيان ڪنداسين، هو عدليا ۾ شامل ٿي آئين ۾ ڏنل حلف کڻن، آئين موجب کين سينيارٽي ڏني ويندي ۽ ٻيون مراعتون به ڏنيون وينديون، اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته جن پي سي او تحت حلف ورتو انهن ايمرجنسي ختم ٿيڻ بعد 15 ڊسمبر 2007ع دوران آئين ۾ ڏنل ٽئين شيڊيول تحت حلف کنيو آهي، هن چيو ته ايمرجنسي وقت جن ججن حلف نه کنيو يا انهن کان حلف نه ورتو ويو انهن بابت اسان جو موقف آهي ته هو عدليا ۾ اچن انهن جي آجيان ڪئي ويندي، هن چيو ته پ پ آئيني پئڪيج ٺاهي اتحادي جماعتن، وڪيلن ۽ بارز کي اماڻي ڇڏيو هو، پر هن وقت تائين ڪنهن به اتحادي جماعت پاران اعتراضن يا سفارشن بابت ڪو به جواب نه ڏنو ويو آهي، هن چيو ته آئيني پئڪيج بابت سفارش جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، سفارشون ملڻ بعد ان آئيني پئڪيج کي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، جتان منظوري ملڻ بعد آئيني پئڪيج کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته ججن جي بحالي ۽ آئيني پئڪيج پيش ڪرڻ بابت پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف کي فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪي ملاقات ڪري ان بابت فيصلو ڪندا، هن چيو ته مان هٽايل ججن کي گذارش ڪري سگهان ٿو ۽ مان کين گذرش ڪري به چڪو آهيان، هن چيو ته اسان آئين ۽ قانون جون تقاضائون پوريون ڪنداسين.