سنڌ،بلوچستان ۽ سرحد جي ججن جون پگهارون پنجاب جي ججن برابر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عبدالحميد ڏوگر جي سربراهيءَ ۾ چيف جسٽس ڪاميٽي عورتن، ٻارن توڙي عمر قيد جي ڏوهه وارن قيدين جا ڪيس تڪڙا اڪلائڻ لاءِ اسپيشل بينچون قائم ڪرڻ، ججن جون خالي جايون ڀرڻ، جيلن جي سڌاري لاءِ جج نامزد ڪرڻ توڙي ٽن ننڍن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد  صوبي جي ماتحت  ججن جون  پگهارون پنجاب جي ججن جي برابر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ڪالهه چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر جي صدارت ۾ چيف جسٽس جي اجلاس ۾  چئني  صوبائي هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز، فيڊرل شريعت ڪورٽ ۽ اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف  جسٽس کانسواءِ انصاف تائين رسائي  واري پروگرام جي ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي آهي. اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽن توڙي شريعت ڪورٽ جي چيف جسٽسز چيف جسٽس آف  پاڪستان جسٽس  عبدالحميد ڏوگر جي قيادت تي مڪمل  اعتماد جو اظهار ڪندي کين مڪمل  حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.اجلاس ۾  عدالتي نظام کي درپيش چئلينجن، خاص ڪري  ڪيسن جي اڪلاءُ ۾ دير ۽ زير التويٰ ڪيسن جي انگ ۾ واڌ تي غور ڪيو ويو،اجلاس ۾ مامرن جي حل لاءِ  مختلف تجويزن جي منظوري ڏني وئي آهي.اجلاس ۾ انصاف تائين رسائي واري پروگرام تي غور ڪري اها تجويز  ڏني وئي  ته پروگرام جا فنڊز صوبائي چيف جسٽسز جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن  اهي ضرورت آهر عدليا ۾ سڌارا آڻي سگهن.عدليا جي  آزادي لاءِ سروسز رولز تيار ڪرڻ لاءِ  ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.