نيب ۾مقرر65 فوجي عملدار آرمي چيف جي هدايت تي واپس

اسلام آباد (آن لائن) قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ مقرر 65 فوجي عملدارن آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي هدايت تي واپس جي ايڇ ڪيو ۾ رپورٽ ڪري ڇڏي آهي، نيب جي ترجمان موجب قومي احتساب بيورو مان 126 عملدارن کي فارغ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته نيب کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به فيصلي بابت مون کي ڄاڻ ناهي.