اسلام آباد ۾ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ٿيڻ جا اطلاع، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر ۾ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ٿيڻ جا اطلاع آهن، جنهن کانپوءِ شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، خانگي ٽي وي چئنل موجب رات دير سان وفاقي گادي واري شهر ۾ بارود سان ڀريل گاڏي داخل ٿيڻ جي اطلاعن تي شهر جي مک رستن تي ناڪابندي ڪندي گاڏين جي تلاشي ورتي پئي وئي ۽ شهر ۾ هاءِ الرٽ لاڳو ڪري انهي بارود سان ڀريل گاڏي جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.