پ پ ۽ اتحادين ۾ صدارتي چونڊ بعد 17 هين ترميم ختم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدارتي چونڊن کانپوءِ پ پ فوري طور پنجاب حڪومت ۾ مخالف ڌر ۾ ويهندي ۽ پ پ اهو فيصلو اصولي طور ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ڪالهه شام مولانا فضل الرحمان جي سيد الزمان صديقي وچ ۾ ملاقات ٿي، ملاقات بعد مولانا فضل الرحمان، اي اين پي اڳواڻ حاجي غلام محمد بلور، آفتاب شير پائو، قبائلي علائقي جي وزير حميد الله آفريدي ۽ ڪجهه ٻين  فاٽا جا ايم اين ايز هڪ آجياڻي ۾ گڏ ٿيا، جنهن ۾ انهن سڀني فيصلو ڪيو ته اهي زرداري کي ووٽ ڏيندا، جڏهن ته اي اين پي، پ پ ۽  جي يو آءِ وچ ۾ پشاور هوائي اڏي  جو  نالو باچا خان رکڻ تي اتفاق ٿي چڪو آهي پر نواز ليگ ان جي مخالف آهي، جڏهن ته پ پ ۽ ان جي اتحادين ۾ اهو پڻ اتفاق ٿيو آهي ته صدارتي چونڊ بعد فوري طور 17 ترميم ختم ڪئي ويندي، ٻئي طرف پ پ جي هڪ اهم شخصيت اها دعويٰ ڪئي آهي ته صدارتي چونڊ بعد سمورا هٽايل جج بحال ڪيا ويندا.