|
|
|
اسلام آباد ۾ آصف جي حمايت وارو بينر هٽائڻ دوران بينظير جي تصوير به ڦاٽي پئي اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ وڪيلن آصف علي زرداري خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي تصويرن وارو بينر پڻ ڦاڙي ڇڏيو، آصف جي حمايت وارو بينر هٽايو پئي ويو ته بينظير جي تصوير ڦاٽي پئي، بعد ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو پڻ ٿيو، ڪجهه ڪارڪنن کي ڳلي مان جهلي روڊ تي گهليو ويو، طارق محمود، اطهر من الله ، هارون رشيد، جميل عباسي، ۽ ٻين وچ ۾ پئي معاملو حل ڪرايو.
|