|
آمريڪي سفير جي اسفند يار ولي سان ملاقات، فاٽا آپريشن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي سفير اين ڊبليو پيٽرسن جي اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي سان ملاقات، فاٽا آپريشن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه، ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات جاري رهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ طاقت جي استعمال سان گڏ ڳالهين وارو آپشن به استعمال ڪيو ويندو. |