تعليم جي بجيٽ 15-ارب رپيا رکي ويندي،پرائمري اسڪولن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو:پير مظهر

حيدرآباد: تعليم جي صوبائي وزير پير مظهرالحق چيو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ سنڌ جي تعليمي بجيٽ هڪ ارب رپيا وڌائي ويندي، پرائمري  اسڪولن کي اپ گريڊ ڪري مڊل اسڪول جو درجو ڏنو ويندو، ان لاءِ بجيٽ ۾ رقم به رکي آهي، اهڙو اظهار هن ڇنڇر واري ڏينهن ”ڪاوش“ طرفان حيدرآباد ۾”تعليم جو معيار ۽ بجيٽ تجويزون“ جي نالي سان ٿيل ”ڪاوش فورم“ ۾ بحث سهيڙيندي ڪيو، هن چيو ته 18-ارب رپيا تعليمي بجيٽ وارو انگ اکر صحيح ناهي، اصل ۾ گذريل سال ۾ تعليم لاءِ 14-ارب رپيا رکيا ويا هئا، فنانس سيڪريٽري مون کي ٻڌايو آهي ته انهيءَ بجيٽ ۾ هڪ ارب رپيا واڌ ڪري 15-ارب رپيا رکيا ويندا، آءِ ٽي ايڇ ڪميشن ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي،  پير مظهر چيو ته سنڌ ۾ پرائمري سطح تي مثال طور هڪ لک ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ته سيڪنڊري سطح تي وري 10 کان 15 هزار تعليم پرائين ٿا، پرائمري کان سيڪنڊري وچ ۾ تعليم ڇڏي ويندڙ ٻارن جو وڏو انگ آهي، ان کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت ڪوششون ڪندي، ان ڪوششن تحت پرائمري اسڪولن کي مڊل اسڪول بڻايو ويندو ته جيئن تعليم ڇڏيندڙ ٻارن جو انگ گهٽائي سگهجي، پير مظهر چيو ته تعليم جي پراڻن درسگاهن جو وقار بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ان لاءِ بجيٽ ۾ پئسا به رکرايا آهن، پير مظهر چيو ته مان ذاتي طور ڪنهن به ويلفيئر تنظيم جي خلاف ناهيان، استادن جا عهدا اپ گريڊ ٿيڻ گهرجن ۽ استادن جي ٻارن جون فيون معاف ٿيڻ گهرجن، هن وڌيڪ چيو ته استاد پنهنجي ورڪنگ ڪنڊيشن تي به زور ڏين، پنهنجي مدد پاڻ تحت حق وٺن، هن چيو ته آفيسرز ڪلب ٺهن ٿا پر استاد قوم کي ٺاهي ٿو، ان کي حق ناهي، ڇا ته هو ۽ يا ان جا ٻارڙا تفريحي سرگرميون ڪن، انهن لاءِ به استاد ڪلب ٺاهيا ويندا، هن چيو ته اسان جي ڪابينا پهرين ڏينهن کان ئي OPS سسٽم ختم ڪري ڇڏيو آهي، انشاءَ الله مهيني اندر ڪو به OPS وارو نه هوندو، ڇاڪاڻ ته هيٺين گريڊ وارو آفيسر مٿئين گريڊ واري آفيسر جو باس هجي، ان سان عزت نفس مجروح ٿئي ٿي، پير مظهر وڌيڪ چيو ته پرائمري ماستر جي ٻار کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ ڪم ڪنداسين، هاڻي مان سياست کي ڇڏي رڳو اسڪول پيو گهمان، پير مظهرالحق چيو ته سنڌ حڪومت اهو اصولي فيصلو ڪري چڪي آهي ته صوبي اندر استادن جي ڀرتي شفاف ۽ نج ميرٽ تي ٿيندي ۽ استادن جي نوڪرين ۾ ايم اين ايز يا ايم پي ايز جي ڪا به ڪوٽا نه هوندي، هن چيو ته يونيورسٽين کي صوبن حوالي هجڻ گهرجي، بورڊ به هن وقت گورنر جي هٿ ۾ آهي، سنڌ حڪومت تعليمي بورڊن کي به صوبائي اختيار ۾ وٺڻ چاهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جو پارلياماني ليڊر ۽ سينيئر وزير هئس، ڪا به من پسند ۽ سڻڀي وزارت وٺي پئي سگهيس پر مون تعليم جو ٻيڙو ٻڏل ڏسي ان کي چئلينج سمجهي وزارت ورتي آهي ۽ عبادت سمجهي ڪم ڪريان ٿو، پير مظهر چيو ته بجيٽ جي تياري ۾ اسان جي استادن جي راءِ به شامل هجڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پرائمري استاد جو 23هين گريڊ تائين هلي استادن جي اپ گريڊيشن تي غور ڪريون پيا ۽ بجيٽ ۾ ان کي شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اون پي اينڊ اسڪيل تحت مقرر ڪيل ڪجهه ماڻهو هٽايا آهن ۽ مان پنهنجي کاتي مان مهيني اندر اهڙي آفيسرن کي هٽائي ڇڏيندس، هن چيو ته ڪرپشن مٿان کان ٿئي ٿي، ان ڪري مان ڪارروائي به مٿان کان هيٺ تائين ڪندس، ڇاڪاڻ ته جڏهن آفيسر وٽان ڪرپشن ختم ٿيندي ته هيٺ به نه ٿيندي، هن چيو ته استادن کي انشورنس جا پئسا سندن حياتي ۾ ملڻ گهرجي، ان تي ڪوشش ڪنداسين، پگهارن تي لاڳو انڪم ٽيڪس ختم ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو، پير مظهر چيو ته هن وقت اسان جي تعليم تباهه آهي، سنڌ ۾ ساڍا 7 هزار اسڪول بند پيل آهن، شرم جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جي تعليمي شرح سرحد صوبي کان به ڪري پئي آهي، جڏهن ته سنڌ ڪنهن زماني ۾ تعليم لاءِ نمبر ون هوندي هئي، هن چيو ته ٽيچنگ اسٽاف لاءِ ڀرتين جي پاليسي ٺاهي آهي، ماستر کي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻي پوندي، ان کانسواءِ اميدوار جو واسطيدار اسڪول واري يوسي، تعلقي ۽ ضلعي سان واسطو هجڻ ضروري هوندو، وڌيڪ تعليم يافته نوجوانن کي اهميت هوندي، 7 کان 8 هزار نوڪريون ڏينداسين، پير مظهر وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي مان مايوسي ٿي آهي پر اسان غير ذميوار ڪامورن کي سزائون ڏينداسين، انهن مان ڪم نه هليو ته پ پ جا ورڪر، اسين ۽ استاد گڏجي سسٽم کي هلائينداسين، هن وڌيڪ چيو ته نه رڳو استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪنداسين پر انهن کي ٽريننگ ڏياري پوءِ اسڪولن ۾ موڪلينداسين ته جيئن اهي تعليمي معيار کي بهتر بڻائين.