~

ڇا پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو  اتحاد پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو آهي؟

اعجاز مهر

 

                ججن جي بحالي وارو معاملو اسلام آباد کان دبئي ۽ لاهور کان لنڊن تائين گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ ٿيل ڳالهين مان لڳي ائين پيو ته 12 مئي واري تاريخ به فقط تاريخ ئي هئي.

                ڪالهه جڏهن ججن جي بحاليءَ لاءِ ڏنل ڊيڊلائين تيزيءَ سان پنهنجي پڄاڻيءَ ڏانهن ڊوڙي رهي هئي، ٺيڪ ان وقت اهي عالمي اسٽيڪ هولڊر به ان معاملي ۾ سرگرم ٿي ويا،  جيڪي بظاهر اهو چوندا رهيا آهن ته ججن جي بحالي پاڪستان جو اندروني معاملو آهي. آمريڪا جو نائب پرڏيهي وزير رچرڊ بائوچر ملاقات ڪرڻ لاءِ نواز شريف وٽ پهتو. ان مان اندازو هڻي سگهجي ٿو ته ججن جي بحاليءَ کي پرڏيهي قوتون ڪيترو پاڪستان جو اندروني معاملو سمجهن ٿيون.ان مان اهو به اندزو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ججن واري معاملي کي ايترو اينگاهيو ۽ گهليو ويو آهي ته ان گهل ۾ خود پرڏيهي قوتن جي به وڏي دلچسپي آهي، بلڪه انهن جي دلچسپي ان ڳالهه ۾ وڌيڪ آهي ته ڪيئن به ڪري صدر مشرف کي بچائجي، جيڪو گذريل 8 سالن کان انهن جي نمائندگي ڪندي دهشتگرديءَ خلاف جنگ واري مورچي تي سندن ساٿ ڏيندو رهيو آهي.لنڊن ۾ بائوچر جي ملاقات رڳو نواز شريف سان ناهي ٿي، پر ٻڌايو پيو وڃي ته هو آصف علي زرداريءَ سان به مليو آهي.دراصل آمريڪين جو ڪردار ٽياڪڙيءَ وارو آهي، هو ئي هاڻوڪي سيٽ اپ جا بين الاقوامي گارنٽيئر آهن. انهن کي گارنٽي ڏني وئي هئي ته ڪيئن به ڪري صدر مشرف کي رهڻ ڏنو ويندو، ان ڪري صدر مشرف جي حمايت ۾ بائوچر پونٽي سان گڏجي پاڪستان پهتو هو، پر هاڻي جڏهن پاڪستان جي انتهائي اهم اشو تي پاڪستاني قيادت لنڊن ۾ گڏ ٿي آهي ته بائوچر اتي به پهتو آهي.

                سياسي حلقن جو خيال آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي قيادت سان بائوچر يا ٻيا عالمي گارنٽيئر ملن ٿا ته اهو سندن مٿان ڪو پريشر وجهڻ لاءِ نه، پر کين اهو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته کين صدر مشرف کي رهڻ ڏيڻو آهي، جو صدر مشرف ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ اسان هئاسين، پر جڏهن هو نواز شريف سان ملن ٿا، تڏهن هو ان مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ ملن ٿا ته هو ڪيئن به ڪري ججن واري معاملي تان هٽي وڃي ۽ صدر مشرف لاءِ نرم ٿئي، ڇاڪاڻ جو نواز شريف جي پاڪستان اچڻ ۾ آمريڪين ڪا به ٽياڪڙي نه ڪئي هئي. محترمه جي پاڪستان اچڻ کان پوءِ انهن جي ذهانت سان ڪيل سياست سبب اهڙو ماحول ٺهيو، جو نواز شريف کي ملڪ اچڻ کان ڪير به روڪي نه سگهيو، ۽ اتفاق سان اليڪشن ۾ هن کي ايترو مينڊيٽ مليو، جو نواز ليگ ملڪ جي ٻي اڪثريتي پارٽي ثابت ٿي. ان کان پوءِ صدر مشرف کي اها ڳالهه وڻي يا نه وڻي، پر اها ڪڙي حقيقت ان کي به مڃڻي پئي.جيئن هڪ پاسي نواز شريف کي مليل مينڊيٽ حقيقت آهي، ايئن ئي ٻئي پاسي خود صدر مشرف به اهڙي حقيقت آهي، جنهن حقيقت کي ايترو آسانيءَ سان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جهڙي نموني سان اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ ايئن نظر اچي رهيو هو ته هاڻي شايد صدر مشرف جو رهڻ ممڪن نه هجي، پر انهيءَ هڪ ڏيڍ مهيني جي عرصي دوران آمريڪين جي سرگرميءَ کان پوءِ اهو ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو آهي ته نه صدر مشرف جو وڃڻ ايترو آسان آهي، نه وري ججن جي بحالي اهڙو سولو ڪم آهي.

                توڙي جو نواز شريف ۽ نواز ليگ جي ٻي قيادت اهو چيو آهي ته بائوچر سان ملاقات ۾ ججن واري معاملي تي ڪي به ڳالهيون نه ٿيون. نواز شريف چيو ته بائوچر بنگلا ديش کان آمريڪا پئي ويو، لنڊن ۾ ترسيو ان ڪري مون سان ملاقات ڪيائين. ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو؟ بائوچر ڪو نواز شريف جو ذاتي دوست ڪونهي، جو آمريڪا ويندي رستي ۾ هن سان ملڻ جو سوچيائين. هن کي ساڻس ملڻ جي اهڙي چاهه هجي ها ته هو ان وقت به هن سان ملي ها. جڏهن نواز شريف جدي شريف ۾ جلاوطنيءَ جا ڏينهن گذاري رهيو هو، يا ان کان پوءِ جڏهن هو لنڊن شفٽ ٿيو تڏهن به هو آمريڪا ويندي رستي ۾ هن لاءِ لنڊن ۾ لهي پئي ها. ظاهر آهي ته اها هڪ سياسي ملاقات هئي، ۽ يقينن ججن جي معاملي تي ئي ٿي هوندي. جيڪڏهن ان ملاقات ۾ ججن جي معاملي تي ڳالهيون ناهن ٿيون ته پوءِ اها ڳالهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ته ”آمريڪا جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو.“ بائوچر جي ملاقات کي سياسي حلقا نواز شريف مٿان آمريڪي دٻاءُ قرار ڏئي رهيا آهن، ڏسجي ته هو اهو دٻاءُ ڪيتري حد تائين برداشت ٿو ڪري؟

                هاڻي جڏهن نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ درميان ججن واري معاملي تي ڳالهيون ذري گهٽ ناڪام ٿي ويون آهن، ان وقت ماڻهن کي اهو صاف نظر پيو اچي ته حڪومتي اتحاد ٽُٽي ويندو. پر نواز ليگ ايترو جلدي پيپلز پارٽيءَ کان ڌار نه ٿيندي. ان جا ڪجهه سبب آهن. هڪ ته نوا ز ليگ ۾ به سياسي ماڻهو ويٺا آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن هڪ هڪ ڌڪ سان پيپلز پارٽيءَ کان الڳ ٿي وڃن ٿا ته ان صورت ۾ قائد ليگ لاءِ هڪ ڀيرو وري جڳهه پيدا ٿيندي. ان کي وري پاور ۾ شيئر ملندو. نواز ليگ ڪنهن به صورت ۾ اهڙو ويڪيوم پيدا ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندي، جنهن ويڪيوم مان انهن کي فائدو ملي، جيڪي گذريل 8 سالن کان صدر مشرف سان گڏجي مزا ڪندا رهيا آهن. پنجاب نواز ليگ جو پاور بيس آهي، ان ڪري هن وقت نواز ليگ اتان اقتدار کان الڳ ٿيڻ نه چاهيندي. جيڪڏهن نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي وارا ججن جي معاملي تي صفا نٿا ٺهن ته به نواز ليگ جي حڪمتِ عملي اها هوندي، جو انهن جا وزير پهرين آفيسن ۾ نه ويهڻ جو احتجاج ڪندا، ان کان پوءِ وزارتون ڇڏڻ جي ڪا ڊيڊلائين ڏيندا، ۽ اندازو آهي ته ان ڊيڊلائين ۾ ڪجهه اضافو ڪندا. ايتري عرصي ۾ ججن واري معاملي مان ڪافي حد تائين اسپرٽ ختم ٿي ويندو، ۽ اهو اشو غير اهم بڻجي ويندو.

                جيستائين نواز ليگ جي جدا ٿيڻ جي صورت ۾ قائد ليگ سان پيپلز پارٽيءَ جي اتحاد جي ڳالهه آهي ته اها قائد ليگ جيڪا مستقبل ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گڏجندي، سا هاڻوڪي قائد ليگ جهڙي نه هوندي، جنهن جي اڳواڻي چوڌري شجاعت ڪري رهيو آهي، پر ان جي قيادت امڪاني طور تي حامد ناصر چٺا جهڙن ماڻهن وٽ ٿي سگهي ٿي. جيئن ته ٽياڪڙي ڪندڙ عالمي ڌرين جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي قائد ليگ سان گڏجي، تڏهن آصف علي زرادري انتهائي طاقتور ڪارڊ اهو کيڏيو آهي ته پهرين قائد ليگ جي قيادت تبديل ٿئي.جنهن جي ڪري ئي صدر مشرف پاران چوڌري برادران تي دٻاءُ وڌو ويو ته اهي قيادت ڇڏي ڏين. پر چوڌري ڪنهن به صورت ۾ ايئن ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ۽ انهن چئي ڇڏيو آهي ته اسان ڪو 17، 18 هين گريڊ جا ملازم ناهيون جو ايئن تبديل ڪيو ويندو. آصف علي زرادريءَ پاران رڳو چوڌري برادران کي هٽائڻ جو شرط ڪونهي، پر هو اڳوڻي صدر فاروق لغاري کي به قائد ليگ مان نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. قائد ليگ جي قيادت تبديل ڪرڻ واري آصف علي زرادريءَ جي ڪارڊ جو ڌڪ چوڌرين ۽ فاروق لغاريءَ کي ته ٿيندو ئي ٿيندو، پر ان جو سياسي ڌڪ خود صدر مشرف کي به ٿيندو، ڇاڪاڻ جو گڏيل ليگ صدر مشرف جو سياسي بيڪ اپ آهي. جيڪڏهن ان سياسي بيڪ اپ ۾ ڏارون پون ٿيون ته صدر مشرف ڪمزور ٿيندو.

                چئن پارٽين واري حڪومتي اتحاد جي ٻنهي وڏين پارٽين نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين جا دور شيطان جي آنڊي کان به وڏا ٿيندا پيا وڃن. ان باري ۾ هاڻ ڪجهه مبصر اهو شڪ به ظاهر ڪري رهيا آهن ته اها حڪمران اتحاد جي هڪڙي چال به ٿي سگهي ٿي. انهن جي مطابق گذريل هڪڙي هفتي ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قيمت ۾ اٺڻ رپين کان وڌيڪ ڪمي اچي چڪي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي آهي، تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن پر ان هوندي به ميڊيا، سياسي حلقا ۽ عام ماڻهو ججن جي بحالي واري ڪمبل ۾ ئي ويڙهيل نظر اچن ٿا.

                ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ججن جي بحالي وارو معاملو حل ٿي ويو ته ميڊيا جي توپن جو رُخ مهانگائي جي طوفان سميت ٻين مسئلن ڏانهن ٿي ويندو، جيڪو حڪمران اتحاد لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ٻئي ڪئين ڀيرا چئي چڪا آهن ته هو جيڪي ڪجهه به ڪن پيا، انهن جي ڪوشش ۽ ترجيح حڪومتي اتحاد کي وکرڻ کان بچائڻ لاءِ آهي. انهن جا اهڙا بيان بظاهر ججن جي بحالي جي باري ۾ هلندڙ ڳالهين کي هٿ وٺي ڊيگهه ڏيڻ ۽ مهانگائي سميت ٻين مسئلن تان توجهه هٽائڻ واري راءِ کي تقويت ڏين ٿا.

                گذريل هڪ هفتي دوران مسلم ليگ نواز جي وزيرن احسن اقبال ۽ خواجه سعد رفيق جيڪي بيان ڏنا ۽ جيڪي ڪجهه هنن مختلف ٽي وي چينلز جي بحث مباحثن وارن پروگرامن ۾ ڳالهايو آهي، ان مان ائين ٿو محسوس ٿئي ته سندن لهجي ۾ ججن جي بحالي واري مسئلي تي ڪافي نرمي اچي وئي آهي.

                اُن هوندي به جاويد هاشمي ۽ چوڌري نثار علي خان نواز ليگ جا اهي اڳواڻ آهن، جيڪي اڃا تائين ٻارهين مئي (اڄ) واري ڊيڊ لائن تي ڪنهن به قسم جو سودو نه ڪرڻ جي ڳالهه ڳاءِ وڄائي ڪري رهيا آهن ۽ هو پنهنجي آر يا پار واري موقف تي اٽل نظر اچي رهيا آهن. چوڌري نثار علي خان جيڪو حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان وٺي ججن جي بحالي تائين سمورن معاملن ۾ نواز ليگ طرفان ڳالهين ۾ سرِ فهرست رهيو آهي. هن کي سندس پارٽي لنڊن ۾ رات تائين جاري ڳالهين ۾ شامل ئي نه ڪيو.

                دبئي ۾ ٻن ڏينهن جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ جڏهن ميان نواز شريف، آصف علي زرداري طرفان موڪليل گاڏي ۾ ويهي رهيو هو ته هُن اُن وقت شهباز شريف ۽ خواجه آصف کي پاڻ سان گڏ گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ چيو جڏهن ته چوڌري نثار علي خان خاموشي سان اڪيلو هڪ ٻئي گاڏي ۾ ويهي رهيو.

                نواز ليگ جي هڪ اهم رهنما مطابق دبئي ۾ ڪيل ڳالهين جي موقعي تي چوڌري نثار علي خان جي سخت ۽ تلخ لهجي جي ڪري اتحاد ٽٽندي ٽٽندي بچيو ۽ ان لاءِ ميان نواز شريف کي اُن ئي وقت مداخلت ڪرڻي پئي.

                ججن جي بحالي بابت هلندڙ ڳالهين جي لنڊن واري اهم موڙ تي چوڌري نثار علي جي غير حاضري به انهن خدشن کي مضبوط ڪري ٿي، جن موجب چيو پيو وڃي ته ڳالهين ۾ ڊيگهه هڪڙي حڪمت عملي جو حصو آهي.

                مسلم ليگ نواز جي هڪڙي وزير ٻڌايو ته، لنڊن وارين ڳالهين جي ناڪامي جي صورت ۾ به مسلم ليگ نواز فوري طور حڪومتي اتحاد کان عليحدگي جو فيصلو نه ڪندي. هن جي چوڻ مطابق جيڪڏهن ضرورت پئي ته 12 مئي (اڄ) سينٽرل ڪاميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي اتحاد کان عليحدگي جي لاءِ مسلم ليگ نواز ڊيڊ لائن ڏيندي ته فلاڻي تاريخ تائين جيڪڏهن جج بحال نه ٿيا ته هو حڪومت کان ڌار ٿي ويندا. بقول هن جي ته ٿي سگهي ٿو ته اُن مهلت واري عرصي دوران نواز ليگ جا وزير آفيسن ۾ نه ويهڻ جو فيصلو به ڪن. مسلم ليگ نواز جا اڳواڻ ججن جي بحالي واري سوال تي پنهنجي پارٽي جي پيپلز پارٽي سان هلندڙ ”ڪوئي ٻلي واري راند“ جي سختي سان ترديد ڪن ٿا پر ڪجهه مبصر چون ٿا ته کين دال ۾ ڪجهه ڪارو لڳي ٿو. ججن جي بحالي واري سوال تي بظاهر عام ماڻهن جي خيال ۾ پيپلز پارٽي ولن ۽ نواز ليگ هيرو جو روپ اختيار ڪيو اچن پر  پيپلز پارٽي وارا چون ٿا ته سئو ڌڪ سوناري جا هڪڙو ڌڪ لوهار جو. هنن مطابق هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته لوهار ڪڏهن ٿو پنهنجو وارو وٺي.

ahmahar@yahoo.com